| ٽنڊو محمد خان پوليس جو انصاف: حملي خلاف دانهيندڙ ٽائيم نيوز رپورٽر تي ڪيس داخل |
بلڙي شاھ ڪريم (ن پ ا) ٽنڊو غلام حيدر جي مويا ٿاڻي تي فريادي ڄاڻايل نور حسن سندس سوٽ عبدالواحد سان جهيڙي ۾ سينئر صحافي قاضي شمس ٻانڀڻ، سندس زخمي نوجوان پٽ شايان علي، ڀائيٽي عابد لطيف، سندس وڏي ڀاءُ عبدالطيف، قاضي رمضان، ذوالفقار، خالد لطيف، سرفراز، قاضي امتياز، قاضي واجد، نسيم ٻانڀڻ سميت 11 ڄڻن تي قلم 2/506 ، 504 ، 114 ، 337 ايچ ، 147 ، 148 ، 149 پي پي سي تحت ايف آءِ آر داخل ڪئي وئي آهي جنهن ۾ هڪ ڄڻي سان جهيڙي بابت الڳ الڳ سبب پڻ ڄاڻايا ويا آهن مويا پوليس جو چوڻ آهي ته اسان عدالتي حڪم تي واقعي جي ايف آءِ آر داخل ڪئي آهي، جڏهن ته ٽائيم نيوز ۽ پنهنجي اخبار جي رپورٽر قاضي شمس ٻانڀڻ جو چوڻ آهي ته منهنجو ڏوھ صرف علائقي ۾ منشيات جي خلاف خبرون هلائڻ جي سبب منهنجي نوجوان پٽ ۽ ڀائيٽي کي قتل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي ، اسان تي صرف هڪ ڄڻي تي حملي جي اهڙي ايف آءِ آر داخل ڪئي وئي آهي جنهن ۾ هڪ ڄڻي کي ڌڪ ڄاڻائي 11 ڄڻن کي جوابدار ظاهر ڪيو ويو آهي.