ٽنڊو محمد خان پوليس عدالت ٻاهران جسقم ڪارڪن کنڀي وئي

مَي 30, 2023

ٽنڊو محمد خان ( رپورٽر ) ٽنڊو محمد خان عدالت ٻاهران پيشي تي آيل جسقم اڳواڻ عبدالخالق خاصخيلي کي پوليس سندس ساٿي ڪارڪن روشن ٺاڪر سميت گرفتار ڪري نامعلوم هنڌ گم ڪري ڇڏيو آهي.

جسقم اڳواڻ عبدالخالق خاصخيلي جي امڙ مسمات مريم خاتون، چيو ته پوليس وڏن اٽالن سان پيشي تي آيل جسقم جي اڳواڻ عبدالخالق خاصخيلي کي سندس ساٿي ڪارڪن روشن ٺاڪر سميت گرفتار ڪري نامعلوم هنڌ کنڀي کڻي ويا آهن

 پوليس گرفتاري ظاهر نه ڪري کين بنا ڏوھ جي ڪوڙو پوليس مقابلو ڏيکاري قتل ڪري سگهي ٿي.

Leave A Comment