ٽنڊو محمد خان ۾ انب وٺڻ دوران جهيڙو، نينگر فوت،قتل جو الزام، 2گرفتار

جُولاءِ 11, 2023

ٽنڊو محمد خان (رپورٽ: امتياز مڱريو) ٽنڊو محمد خان ۾ انب وٺڻ ويل نينگر ۽ واپارين ۾ جهيڙي، نوجوان فوت، وارثن پاران قتل جو الزام

 احتجاج، ڊاڪٽر پاران پوسٽ مارٽم جي ابتدائي رپورٽ ۾ نينگر جي جسم تي ڪو به تشدد جو نشان ظاهر نه ٿيڻ جي تصديق، ڪيس داخل نه ٿي سگهيو، ٽنڊو محمد خان شهر جي اسٽيشن روڊ مهراڻ چوڪ تي گذريل رات دير سان انب وٺڻ

 ويل نينگر 15 سالن جي شام ولد ننا واگهري جهيڙي دوران زمين تي ڪري پراسرار نموني فوت ٿي ويو. اطلاع تي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي انب وڪرو ڪندڙ ٻن نوجوانن کي گرفتار ڪري ورتو پر سندن گرفتاري ظاهر نه ڪئي آهي

 پوليس جو چوڻ آهي ته ايف آءِ آر داخل ٿيڻ جي بعد پوليس وڌيڪ ڪاروائي ڪندي، نوجوان جي لاش جو سرڪاري اسپتال مان پوسٽ مارٽم ڪرائي لاش وارثن حوالي ڪيو ويو، جيڪي لاش پنهنجي ڪريم آباد ڪالوني کڻائي فوت ٿي ويل نوجوان جي هندو رسومات تحت آخري رسم ادا ڪئي

 پوسٽ مارٽم جي ابتدائي رپورٽ ۾ ڊاڪٽر رضوان نوجوان جي جسم تي ڪو به نشان نه هجڻ جي تصديق ڪئي ۽ ڄاڻايو ته فوتگي جو اصل سبب حتمي پوسٽ مارٽم جي رپورٽ اچڻ کانپوءِ ظاهر ٿي سگهندي. هوڏانهن وارثن لاش جي آخري رسم کان اڳ واقعي خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو

 پيرسن والد ننا واگهري ۽ ٻين الزام لڳايو ته انبن خريد ڪرڻ لاءِ ويل منهنجي پٽ کي جوابدارن تارازي وارا وٽ هڻي بيدردي سان قتل ڪيو ويو آهي جنهن جي جاچ ڪرائي ڪيس داخل ڪري جوابدار گرفتار ڪري کين عدالت ۾ پيش ڪيو وڃي

 هوڏانهن پوليس جو چوڻ آهي ته وارثن جي مرضي سان ايف آءِ آر داخل ڪئي ويندي ، فوتگي جو اصل ڪارڻ پوسٽ مارٽم جي رپورٽ اچڻ کانپوءِ معلوم ٿيندو. هواڏنهن قتل جي الزام ۾ پوليس پاران حراست ۾ ورتل 2 شڪي جوابدارن شاهد هاليپوٽو ۽ راجو جو چوڻ آهي

 ته شام واگهري اسان وٽ انبن جي رڙي تي انب وٺڻ آيو هو اسان کيس چيو ته انب مارڪيٽ جي اگهه موجب  200  سئو رپيا ڪلو آهن جنهن تان هن مڇرجي اسان کي گلي مان جهلي گارگند ڪئي جنهن ۾ جهڙي دوران هو پٽ تي وڃي ڪريو هاڻي سندس وارث قتل جو ڪوڙو الزام هڻي اسان کي زوري ڦاسائڻ چاهن ٿا