ٽنڊو محمد خان ۾ برسات عذاب بڻجي وئي: روڊ رستا پاڻي ۽ گهٽيون پاڻي ۾ ٻڏل

جُولاءِ 28, 2023

ٽنڊو محمد خان ( رپورٽ : امتياز مڱريو )ٽنڊو محمد خان ضلعي ۾ پوندڙ برساتن تباهي مچائي ڇڏي ، روڊن ۽ رستن تي 4 کان 5 فٽ پاڻي بيهجي ويو جڏهن ته ضلعي چيئرمين دورا ڪرڻ ۽  ميونسپل چيئرمين گاڏي تي چڙهي فوٽو سيشن ڪندو رهيو

ان ڏس ۾ ٽنڊو محمد خان ضلعي ۾ لاڳيتو 4 ڏينهن  پوندڙ تيز طوفاني برسات تباهي مچائي ڇڏي آهي، ضلعي هيڊڪوارٽر واري شهر جا مک علائقا چاندني چوڪ ، بهراڻي محله ، اسٽيشن روڊ ، الفتاح چوڪ ، مهراڻ چوڪ ، مير محله ، ٽالپر ڪالوني ، سومرا پاڙو ، ٽيليفون ايڪسچينج روڊ ، منور ڪالوني ، قاسم آباد ، ٽالپر ٽائون، پيپلز ڪالوني ، سونا پاري ، گلشن فيض ڪالوني ، مشترڪه ڪالوني ، شوڪت ڪالوني ۾ پاڻي تلائن جي صورت ۾ جمع ٿي ويو آهي

ضلعي جي ٽنڊو غلام حيدر ، بلڙي شاھ ڪريم جي مختلف علائقن ملاڪاتيار ، شيخ ڀرڪيو ، لاکاٽ ، سعيد خان لنڊ ، مويا ، ڏندو سميت ننڍن وڏن علائقن ۾ پڻ  4 کان 5 فٽ پاڻي بيهجي ويو آهي، جنهن جي نيڪال ڪرڻ لاءِ انتظاميه پاران ڪي به اپاءُ نه ورتا ويا آهن

ٻئي طرف محرم الحرام ۽ برساتي ايمرجنسي باوجود انتظاميه ڪو به تڌارڪ نه ڪري سگهي آهي، ضلعي جي هيڊڪوارٽر واري شهر ٽنڊو محمد خان جي ميونسپل ڪميٽي جي چيئرمين سيد شاهنواز شاھ بخاري پنهنجي مخصوص ساٿين سان گڏ تيز برسات جي وسڪاري کانپوءِ فلمي شوٽنگ جيان پنهنجي وڏي گاڏي ۾ چڙهي فوٽو سيشن ڪرائيندو رهيو

ضلعي چيئرمين سيد قاسم نويد کي ٻئي ڏينهن پنهنجي ضلعي جي ياد آئي ۽ هن ڊرينيج سسٽم سميت برسات سٽيل علائقن جو دورو ڪري هليو ويو جڏهن ته ايمرجنسي واري صورتحال باوجود ضلعي جو ڊپٽي ڪمشنر ياسر ڀٽي 15 ڏينهن جي موڪل تي ويل آهي

 محرم الحرام جي جلوسن ۽ ٿيندڙ مجلسن ۾ عزادارن کي برساتي پاڻي روڊن رستن تي بيهڻ سبب سخت ڏکيائن کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي،  ايمرجنسي واري صورتحال ۾ هيڊڪوارٽر واري شهر ٽنڊو محمد خان ۾ بجلي 22 ڪلاڪن تائين مسلسل ڊگهو بريڪ ڊائون ڪيو، جنهن سبب شهري سخت مشڪلاتن ۽ پريشانين کي منهن ڏيڻ تي مجبور آهن

برساتي ايمرجنسي باوجود ڪابه وڌيڪ بجيٽ ناهي ملي: ميونسپل وائيس چيئرمين

 ٽنڊو محمد خان ميونسپل ڪميٽي جي وائيس چيئرمين عبدالڪريم شيخ پنهنجي اخبار پاران رابطي ڪرڻ تي ٻڌايو ته برساتي ايمرجنسي جي ڪا به وڌيڪ بجيٽ ناهي ملي ، پراڻي ماهوار واري بجيٽ تي گذارو ڪري رهيا آهيون

شهري اتحاد ضلعي چيئرمين ۽ چونڊيل نمائندن کي ذميوار قرار ڏئي ڇڏيو

 شهري اتحاد جي صدر نور حسن کوکر ، مير سرفراز ٽالپر ، لالا حسن پٺاڻ ۽ ٻين چيو ته ٽنڊو محمد خان ضلعو برسات سبب تمام گهڻو متاثر ٿيو آهي هتي اڳ ئي ڊرينيج سسٽم ناڪارا بڻيل آهي جيڪو 50 سالا پراڻو آهي، جنهن ڪري روڊن رستن تي 4 کان 5 فٽ پاڻي بيهجي ويو آهي، افسوس جي ڳالھه آهي ته اسان جي ضلعي ٽنڊو محمد خان جي انتظاميه هن مشڪل واري گهڙي ۾ نظر ئي نٿي اچي، باقي ضلعي چيئرمين، ميونسپل چيئرمين صرف فوٽو سيشن ۾ پورا آهن ، عوام جو ڪو به خيال نه آهي ، ضلعي ۾ ايندڙ بجيٽون هڙپ ڪيون ويون آهن جنهن سبب ترقياتي ڪمن ۾ ناڪارا مٽيريل استعمال ڪيو وڃي ٿو

Leave A Comment