ٽنڊو محمد خان ۾ پراسرار نموني فوت ٿيل پيرسن جو لاش هٿ

مَي 10, 2025

ٽنڊو محمد خان(رپورٽر ) ٽنڊو محمد خان شهر جي پليو گهمراڻي پاڙي جو رهواسي 60 سالا پيرسن اشرف قمبراڻي ولد ممون قمبراڻي جو تعميراتي گهر جي پٿرن ڀرسان پراسرار حالت ۾ لاش هٿ ڪيو ويو ، راهگيرن جي اطلاع تي بي سيڪشن پوليس لاش کي ايمبولينس ذريعي پوسٽ مارٽم لاءِ سرڪاري اسپتال پهچايو جتان پوسٽ مارٽم ڪرائڻ بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو ، لاش کي وارث سندن پليو گهمراڻي پاڙي کڻائي ويا، پوليس جو چوڻ آهي ته فوتي 60 سالا پيرسن اشرف قمبراڻي جو وارثن جي چوڻ موجب ذهني توازن درست نه هو جنهن کي گدو اسپتال مان پڻ سرٽيفڪيٽ ڏنو ويو ، جنهن جي علاج کانپوءِ هو پنهنجي پليو گهمراڻي پاڙي ۾ پنهنجي گهر رهندو هو ، گذريل رات گهر کان نڪرڻ کانپوءِ سندس لاش پليو گهمراڻي ڀرسان تعميراتي گهر جي پٿرن تان هٿ ڪيو ويو هو ، اطلاع تي پوليس لاش کي پاڻ پوسٽ مارٽم ڪرايو ، جنهن ۾ ابتدائي رپورٽ ۾ ڊاڪٽرن جسم تي ڪرڻ سبب پٿرن جو نشان هجڻ جي تصديق ڪئي آهي جنهن جي ڪري پوسٽ مارٽم ڪرايو ويو آهي ، ڊاڪٽرن جو چوڻ آهي ته پوسٽ مارٽم جي رپورٽ ليبارٽري جي ٽيسٽ اچڻ کانپوءِ پڌري ڪئي ويندي ، وارثن ڪو به دشمني جو سبب ظاهر نه ڪيو آهي، وارثن  لاش جي پنهنجي ابائي قبرستان ۾ تدفين ڪري ڇڏي .

Leave A Comment