ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي گهرو وزير ضياءَ الحسن لنجار چيو آهي ته سنڌ امن ۽ سلامتي جي ڌرتي آهي، ڪارو ڪاري جا واقعا ناقابلِ قبول آهن، پيپلز پارٽي جي قيادت عورتون ڪن ٿيون، تنهنڪري ڪنهن به نياڻي کي قتل ڪرڻ يا ڪارو ڪاري جهڙا واقعا سنڌ حڪومت لاءِ ڪنهن به صورت ۾ قبول ناهن. ٽنڊو مستي واقعي ۾ ملوث سڀني جوابدارن کي سزا ڏني ويندي. ھن چيو ته انساني حقن جي ڀڃڪڙي ڪندي ڪنهن کي به جرڳا ڪرڻ جي اجازت نه ڏني ويندي.گهرو وزير ٻڌايو ته ايس ايس پي سهائي عزيز ٽالپر ميرپورخاص ۾ شاگردياڻي جي خودڪشي واقعي جي جاچ ڪندي.