| ٽنڊو ميرعلي ۾ اغوا بعد بيواهه سان مبينا زيادتي، قتل جون ڌمڪيون |
ٽنڊوميرعلي(ن پ ا) هنڊياري جي رهواسڻ بيواهه بي بي زال محمد ياسين ملاح جوپنهنجي ٻچن سميت ڳوٺ سرائي نادرخاصخيلي جي رهواسين ضميرحسين طالب حسين منظورعلي خاصخيلي ۽ ٻين پاران 2 مهينااڳ اغواڪري مبينا لڄالٽ ڪرڻ خلاف احتجاج ڪيو، عورت دانهيندي چيو ته 6 مهينا اڳ بااثر اغوا ڪري ويا هئا، تر جي بااثرن جي مداخلت بعد واپس ڪيو ويو، جوابدارن 2 مهينا اڳ منهنجي گهر۾گهڙي منهنجي مڙس ۽ ٻچن مٿان تشددڪري مونکي اغواڪري ويا، جنهن بعد زخمي ٿيل مڙس ڪراچي جي اسپتال ۾ دم ڏئي ڇڏيو، جوابدار مختلف هنڌن تي رکي زيادتي جو نشانو بڻائيندا رهيا، آئون وجھه وٺي پيءُ جي گهر پتيس، جتي وري هٿياربندن هلان ڪري اغوا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، هن چيو ته مونکي ۽ منهنجي ٻارن جي جان کي خطرو آهي، آءِ جي سنڌ ۽ ٻيا وس وارا نوٽيس وٺي جوابدارن خلاف ڪارروائي ڪري انصاف ۽ تحفظ فراهم ڪن.