ٽنڊو ڄام ۾ گهر جي ڇت تي زوردار ڌماڪو: 2 ٻارڙا سڙي زخمي

جُولاءِ 29, 2023

ٽنڊو ڄام(رپورٽ: مبين مگسي) ٽنڊو ڄام ۾ گهر جي ڇت تي زوردار ڌماڪو ٿيڻ سبب 2 ٻارڙا سڙي زخمي ٿي پيا آهن

شهر  جي سينگار ٽائون واري علائقي  ۾ گهر جي ڇت  تي مبينا طور زوردار ڌماڪو ٿيو جنهن ۾ راند ڪندڙ ٻه ٻار  سڙي زخمي ٿي پيا کين اسپتال آندو ويو

زخمي ٻارڙن جي والدين جو چوڻ آهي ته گهر جي ڇت تي ٻار راند ڪري رهيا هئا ته اوچتو ڌماڪو ٿيو ۽ باھه لڳي وئي باهه  لڳڻ  سبب ٻه ٻار سڙي پيا

سڙي زخمي ٿيلن ۾ 10 ورهين  جو هالار ۽ 12 ورهين  جو علي شير ڀان شامل آهن، اطلاع ملڻ تي پوليس پهچي علائقي کي ڪڙو چاڙهي ڇڏيو

پوليس بم ڊسپوزل عملي کي طلب ڪري ورتو  آهي جڏهن ته جاچ لاءِ شاهديون گڏ ڪيون ويون  آهن

Leave A Comment