| ٽنڊي آدم جي ڄام برانچ مان غيرقانوني طور مٽي کڻڻ جو ٺيڪو |
ٽنڊوآدم (ن پ ا) آبپاشي کاتي ٽنڊو آدم جي عملدارن ڄام برانچ ۾ پاڻي جي وارابندي دوران غيرقانوني طور مٽي کڻڻ جو ٺيڪو مبينا طور رشوت عيوض بااثر ڌر کي ڏئي ڇڏيو آھي، جنهن بعد ڳوٺ ڪمال ٻرڙو وٽان ٺيڪيدار بند کي ٽوڙي ٽريڪٽر ٽراليون بيهاري غيرقانوني طور مٽي کڻي رهيا آھن ان ڏس ۾ علائقي واسين دانهيو ته بااثر ڌر جون ٽريڪٽر ٽراليون روزانو بيهاري مٽي ڍوئي رهيا آھن جنهن ڪري برانچ جي پيٽ ۾ 7 کان 10 فٽن تائين جا کڏا پئجي ويا آھن پاڻي اچڻ بعد ماڻھن جي ٻڏڻ جو خدشو آھي علائقي واسين چيو ته اڳ ئي بند ڪمزور آھن مٿان وري انهن کي ٽوڙي مٽي کڻڻ سبب ويتر ڪمزور ٿي ويندا جنهنڪري مختلف هنڌن کان گهارا پوڻ جو خطرو آھي هنن اعلي اختيارين کان گهر ڪئي ته نوٽيس وٺي غير قانوني مٽي کڻڻ وارو ڪم بند ڪرائي ڪمزور بندن جي مرمت ڪرائي وڃي.