| ٽنڊي آدم ويجهو نينگر سان بدفعلي: جوابدار فرار |
ٽنڊوآدم (ن پ ا) ٽنڊي آدم ويجهو نينگر سان بدفعلي، جوابدار فرار، ان ڏس ۾ ڳوٺ دائم ٿھيم ۾ جوابدار 16 ورھين جي نينگر قربان علي ٿھيم کي جاءِ ۾ وٺي وڃي زيادتي ڪرڻ بعد فرار ٿي ويو. بي سيڪشن ٿاڻي تي جوابدار محمد حنيف ٿھيم خلاف اين سي داخل ڪرائي وئي آھي. جڏهن ته متاثر نينگر کي تعلقي اسپتال آڻي ميڊيڪل چيڪ اپ ڪيو ويو. ڊاڪٽر موجب متاثر نينگر جا جزا وٺي ليبارٽري موڪليا آهن، رپورٽ اچڻ بعد صحيح خبر پئجي سگھندي.