ٽنڊي آدم ڀرسان پيءُ ڪارنهن الزام مڙهي ڌيءُ کي ڊوڙائي ڊوڙائي قتل ڪري ڇڏيو
اپريل 1, 2023
ٽنڊوآدم (رپورٽ: سليمان ساند) ٽنڊو آدم ويجهو ڳوٺ حامد ڏچر ۾ حاجي خان ڏچر پنھنجي 22 ورهين جي ڌيءُ گل بانو ڏچر مٿان ڪارنهن الزام لڳائي گهر اندر رائيفل سان فائرنگ ڪئي، جنهن دوران ناري جان بچائڻ لاءِ منٿون، ايلاز ۽ دانهون ڪندي ڊوڙندي رهي پر ڪنهن کي به مٿس رحم نه آيو، جنهن دوران ناري جان بچائڻ لاءِ دانهون ڪندي ڊوڙندي گهر ٻاهران گهٽي ۾ ٿڪجي ڪري پئي جتي جوابدار کيس رائيفل جا سڌا فائر ڪري قتل ڪري ڇڏيو، ناري جو لاش ڪيترائي ڪلاڪ گهٽي ۾ پيل رهيو، بعد ۾ پوليس پهچي لاش اسپتال منتقل ڪيو، جتان ضروري ڪارروائي بعد مڙهه وارثن حوالي ڪيو ويو، پوليس موجب ته پوسٽ مارٽم مطابق ناري کي رائيفل جون 3 گوليون لڳيون آھن، جڏهن ته جوابدار حاجي خان ڏچر واردات ۾ استعمال ڪيل رائيفل سميت ٿاڻي تي پيش ٿيو آھي ۽ ڏوھ جو به اعتراف ڪيو اٿس، وارثن پاران ڪيس داخل نه ڪرائڻ سبب سرڪار جي مدعيت ۾ پوليس عملدار احمد علي چانڊيو جي فرياد تي تعلقي ٿاڻي تي قتل جو ڪيس داخل ڪيو ويو آھي.