ٽنڊي آدم ۾ رواداري جو مثال: 250 جوڙن جي اجتماعي شادي 

ٽنڊي آدم ۾ رواداري جو مثال: 250 جوڙن جي اجتماعي شادي 

ٽنڊو آدم(ن پ ا) ٽنڊي آدم ۾ سماجي تنظيم اڏيرو لال ويلفيئر پاران 250 جوڙن جون اجتمائي شاديون ڪرايون ويون. ڏاج ڏيڻ سميت ڄاڃين ۽ مهمانن کي کاڌو به کارايو ويو،  هيل ڪوٺايل شادي تقريب ۾ 100 مسلمان، 100 هندو ۽ 50 عيسائي جوڙا شريڪ ٿيا ، مختلف علائقن مان گهوٽيتا ۽ ڪنواريتا ڄڃ وٺي پهتا، جتي سندن دهلن ۽ شريانين سان استقبال ڪيو ويو، تقريب ۾ مسلمان جوڙن جو اسلامي طريقي سان نڪاح پڙھايو ويو، جڏهن ته هندو ۽ عيسائي جوڙن جون سندن مذھبي ريتن رسمن تحت شاديون ڪرايون ويون، هر ڪنوار کي سونو ڪوڪو، روڪ رقم،  ڪپڙا، هنڌ، ڪمبل، سولر پليٽ، پکو ۽ گهر ۾ استعمال هيٺ ايندڙ ڏاج ڏيڻ سميت ڄاڃين ۽ مهمانن کي ماني به کارائي وئي، تقريب ۾ اقليتن واري کاتي جي خاص معاون ڊاڪٽر شام سندر آڏواڻي، ميونسپل ڪاميٽي جي چيئرمين غلام مرتضيٰ جوڻيجو، اقليتي اڳواڻ راجيش هرداساڻي، دياونتي ۽ ٻين شرڪت ڪئي.