| ٽنڊي آدم ۾ ٻارڙيءَ جو خون ثابت: ٽن ڄڻن کي جنم ٽيپ |
ٽنڊوآدم(ن پ ا) ٽنڊوآدم واسي معصوم ٻارڙي جي قتل جو ڏوھ ثابت ٿيڻ تي سانگهڙ جي عدالت هڪ عورت سميت ٽن ڄڻن کي عمر قيد ۽ 10،10 لک رپيا ڏنڊ جي سزا ٻڌائي ڇڏي. ماڊل سيشن ڪرمنل ٽرائل ڪورٽ سانگهڙ جي جج غلام قادر تنيو ٽنڊي آدم جي طالب الموليٰ ڪالوني واسي 4 ورهين جي معصوم ٻارڙي عاصمه ڀچو ڌي امداد ڀچو کي باھ ڏئي ساڙي قتل ڪرڻ جو ڏوھ ثابت ٿيڻ تي ٽن جوابدارن موليڏنو ڀچو، عورت جوابدار خيران ڀچو ۽ زبير ڀچو کي عمر قيد ۽ ڏھ ڏھ لک ڏنڊ جي سزا ٻڌائي ڇڏي. واضع رهي ته 3 سال 8 مهينا اڳ 8 مارچ 2022 تي ڄاڻايل ٽنهي جوابدارن پنهنجي مائٽ امداد علي ڀچو جي چئن ورهين جي ڌي عاصمه ڀچو کي باهه ڏئي ساڙي قتل ڪري ڇڏيو هو جنهن جو ڪيس نمبر 42/2022 ٽنڊو آدم سٽي ٿاڻي تي قلم 302 ۽ 34 تحت داخل ڪيو ويو هو .