ٽنڊي آدم ۾ 3 ٻارن جي ماءَ سان زيادتي جي ڪوشش

ٽنڊي آدم ۾ 3 ٻارن جي ماءَ سان زيادتي جي ڪوشش

ٽنڊوآدم(ن پ ا) ٽنڊي آدم ۾ 3 ٻارن جي ماءَ سان زيادتي جي ڪوشش، ان ڏس ۾ الھيار ڳوٺ واسڻ حنا مغل پنهنجي مڙس عبدالستار مغل سان گڏ پريس ڪلب پهچي نوجوان عمر  خلاف دانهيندي الزام هنيو ته پاڙيسري نوجوان عمر گھر ۾ داخل ٿي ساڻس زيادتي جي ڪوشش ڪئي، سندس  رڙين تي فرار ٿي ويو، جوابدار  رستي ويندي به تنگ ڪندو رھي ٿو، پوليس ۽ نيڪ مردن دانھڻ  باوجود قدم نٿا کڻن، هن تحفظ جي گھر ڪئي