| ٽنڊي الهيار واسي نينگر 6 ڏينهن کان گم، وارث پريشان |
ٽنڊوالهيار (رپورٽر) ٽنڊوالهيار شهر جي عباس ڀائي ڪالوني ۾ رهندڙ 12 سالا نينگر ساجد علي پٽ صابر حسين پٺاڻ گهران راند رهڻ لاء ٻاهر نڪتو ته گم ٿي ويو گذريل 6 ڏينهن کان نينگر گم هئڻ تي والدين سخت پريشان ٿي ويا آهن. جڏهن ته نينگر جو پتو نه پوڻ ۽ پوليس طرفان ڳولا ۾ مدد نه ڪرڻ تي وارثن پاران پريس ڪلب آڏو احتجاج ڪيو ويو ان موقعي تي نينگر جي وارثن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته اسان جو نينگر ساجد علي 6 ڏينهن کان گم آهي اسان پوليس کي اطلاع ڏنو آهي پر پوليس به ڪجهه نه ڪري رهي آهي مجبور ٿي احتجاج ڪري رهيا آهيون هنن چيو ته اسان سڀني عزيزن دوستن سڀني کان معلومات ورتي آهي ڪٿان به پتو نه پئجي سگهيو آهي پوليس مامري کي سيريس نه پئي وٺي اسان تمام گهڻا پريشان آهيون هنن اعلي اختيارين کان گهر ڪئي ته نينگر جي ڳولا ۾ مدد ڪري بيچيني ختم ڪئي وڃي.