ٽنڊي الهيار ويجهو ماکي جي مکين جي حملي ۾ 20 ڳوٺاڻا زخمي

ٽنڊي الهيار ويجهو ماکي جي مکين جي حملي ۾ 20 ڳوٺاڻا زخمي

ٽنڊوالهيار(رپورٽر) ٽنڊوالهيار لڳ مسڻ ڀرسان انبن جي باغ وٽان گذرندڙ ايندڙ ويندڙ ماڻهن مٿان وڏي ماکي جو حملو 20 کان مٿي ماڻهن کي ڏنگي (ڪکي) سخت زخمي ڪري ڇڏيو، زخمين کي فوري طور نيم بيھوشي حالت ۾ مسڻ اسپتال آندو ويو، جتي ڪابه سھولت نه ھئڻ ڪري زخمين کي سول اسپتال ٽنڊوالھيار آندو ويو، زخمين ۾  عبدالمجيد لغاري، تيرٿ مينگهواڙ، سنتوش، ماجد، منوراج سميت 20 کان مٿي جن ۾ ٻار ۽ نوجوان شامل ھئا، بعد عبدالمجيد لغاري کي نازڪ حالت ۾ فوري طور سول اسپتال حيدرآباد ريفر ڪيو.