| ٽنڊي الهيار ۽ ڀرپاسي ڪوهيڙي سبب وين ٽريڪٽر ٽرالي سان ٽڪرائجي وئي: 4 ڄڻا فوت، 11 زخمي |
ميرپورخاص/ٽنڊو الهيار (نمائندن وٽان) ٽنڊوالهيار ۾ ڪوھيڙي چار حياتيون ڳڙڪائي وڌيون ،11 ڄڻا سخت زخمي ٿي پيا.ان ڏس ۾ گذريل رات دير سان حيدرآباد روڊ تي واقع پير ڪاٺي ماڇي ھوٽل وٽ حيدرآباد کان ميرپورخاص ويندڙ تيز رفتار وين ڪوھيڙي سبب ڊرائيور کي ڪمند سان ڀريل ٽريڪٽر ٽرالي نظر نه آئي جنهن سبب ٽرالي سان ٽڪرائجڻ سبب موقعي تي ھڪ عورت فوت ٿي وئي جڏهن ته 11 زخمين کي نازڪ حالت ۾ کين فوري فرسٽ ايڊ ڏيڻ بعد سول اسپتال حيدرآباد ريفر ڪيو ويو جتي 03 ٻيا زخمي زندگي جي جنگ هارائي ويٺا، فوتين ۾ مسمات رخسانه شيخ کان علاوه متحده اتحاد عباسيه انٽر نيشنل جو ضلعي صدر ميرپورخاص رياض احمد عباسي، مھتاب شيخ سميت 04 ڄڻا فوت ٿي ويا، جڏهن ته مسمات مينائله، ثمرين شيخ ،اويس، جنيد ،محمد ياسين سھيل عباسي، محمد اشرف ،حذيفه، ساجد علي سميت ٻيا زخمين مان شامل آهن، وڌيڪ فوت ٿيندڙ جو خدشو ظاهر ڪيو پيو وڃي، ٻي پاسي حادثي ۾ المناڪ روڊ حادثي م فوت ٿيندڙ 04 ڄڻن جا مڙھ ميرپورخاص پھتا ته علائقي ۾ ڪھرام مچي ويو،