| ٽنڊي الهيار ۾ انوکي واردات: نوجوان تي ايلفي هاري ڦر |
ٽنڊوالهيار (رپورٽر) ٽنڊوالهيار شھر ۾ نئين انداز ۾ نوجوان کان ڦر جي واردات ٿي آهي، طالب الموليٰ ڪالوني جو رھواسي ممتاز قمبراڻي جيڪو ڪنهن ڪم سان شھر طرف وڃي رهيو هو ته 03 نامعلوم ھٿياربندن سندس جسم تي ايلفي ھاري کانئس هزارين روپيا روڪ رقم ۽ موبائل فون ڦر ڪري موٽر سائيڪل تي سوار ٿي فرار ٿي ويا، متاثر نوجوان جي جسم تي ايلفي لڳڻ سان سندس اک، نازڪ عضوو سميت ٻيا حصا چنبڙي ويا ،جنهن جوفائدو کڻي ھٿيار بند فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا، بعد کيس نازڪ حالت ۾ سول اسپتال ٽنڊوالهيار منتقل ڪيو ويو، رابطي ڪرڻ تي اي سيڪشن پوليس جو چوڻ هو ته اسان جلد ڦورن کي گرفتار ڪري کين سخت کان سخت قانوني سزا ڏينداسون،