| ٽنڊي الهيار ۾ جوابدارن جو پيش امام تي حملو ، ڇرين جا وار |
ٽنڊوالهيار(رپورٽر) ٽنڊوالهيار جي رند آباد ڪالوني جي رهواسي 40 ورھين جي شاه محمد ولد عبدالمجيد بروھي تي شھر جي پاٽولي پاڙي ۾ حملو ڪيو ويو. مسجد ذوالجلال وٽ ٻن نامعلوم حمله آورن ڳلي، ھٿن ۽ ٽنگن تي ڇرين جا وار ڪري کيس مرڻينگ ڪري ڇڏيو. واضع رھي تہ شاھ محمد ذوالجلال مسجد جو پيش امام آهي. زخمي کي فوري طور سول اسپتال ٽنڊوالهيار منتقل ڪيو ويو، جتي سندس حالت ڳڻتي جوڳي ٻڌائي پئي وڃي. واقعي کانپو۽ علائقي ۾ خوف هراس پکڙيل آهي واقعي جي اطلاع تي ٽنڊوالهيار جي اي سيڪشن پوليس اسپتال پهچي زخمي کان پڇا ڳاڇا ڪئي.