ٽنڊي الهيار ۾ عورت سرِ عام هراسمينٽ ۽ تشدد جو شڪار

ٽنڊي الهيار ۾ عورت سرِ عام هراسمينٽ ۽ تشدد جو شڪار

ٽنڊوالھيار (رپورٽر) ٽنڊوالهيار جي علائقي ميمن محلي ۾ کلي عام هڪ عورت کي هراسان ڪرڻ ۽ تشدد ڪرڻ جو افسوسناڪ واقعو پيش آيو. آهي. واقعي جي سي سي ٽي وي فوٽيج منظرِ عام تي اچڻ بعد سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي وئي، جنهن تي عوامي حلقن پاران سخت ڪاوڙ ۽ ڏک جو اظهار ڪيو پيو وڃي. واقعي جو نوٽيس وٺندي ويمن ڊويلپمينٽ ڊپارٽمينٽ جي صوبائي وزير شاهينا شير علي فوري ڪارروائي جي هدايتون جاري ڪري ڇڏيون آهن. پوليس متاثرہ عورت جي فرياد تي اي سيڪشن ٿاڻي تي ڪيس داخل ڪري جوابدارن جي ڳولا شروع ڪري ڇڏي آهي، جڏهن ته واقعي جي مڪمل جاچ جاري آهي. اختيارين جو چوڻ آهي ته متاثرہ عورت کي انصاف فراهم ڪيو ويندو ۽ واقعي ۾ ملوث عنصرن خلاف قانون مطابق سخت ڪارروائي عمل ۾ آندي ويندي.