ٽنڊي الهيار ۾ ناري پراسرار گولي لڳڻ سبب فوت، جي آءِ ٽي قائم، وارثن جا بيان قلمبند

ٽنڊي الهيار ۾ ناري پراسرار گولي لڳڻ سبب فوت، جي آءِ ٽي قائم، وارثن جا بيان قلمبند

ٽنڊوالهيار (رپورٽر) ٽنڊوالهيار شهر جي جناح ٽائون ۾ 16 سالن جي ناري فروا ڌيء زبير قائمخاني پراسرار نموني گولي لڳڻ ڪري فوت ٿي وئي،  اطلاع تي بي سيڪشن پوليس واقعي واري هنڌ پهچي لاش کڻائي سول اسپتال منتقل ڪري ڇڏيو جتان پوسٽ مارٽم بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو ٻي پاسي ايس ايس پي سيد سليم شاه جناح ٽائون ۾ نينگري جي گهر پهچي واقعي واري جاء جو معائنو ڪيو ان موقعي تي ايس ايس پي سيد سليم شاه ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته نينگري کي گولي لڳي آهي جنهن سبب فوت ٿي مامري جي هر رُخ کان جانچ ڪري رهيا آهيون پوسٽ مارٽم بعد واقعي جو ڪارڻ معلوم ٿي سگھندو،  ايس ايس پي موجب ڊي ايس پي سٽي اعجاز بهڻ جي اڳواڻي ۾ جي آئي ٽي جوڙي وئي جانچ هلي رهي آهي گهرڀاتين کان بيان ورتا ويا آهن واقعو اتفاقن ٿيو خودڪشي ٿي يا قتل ٿيو آهي جلد مامري جي اصل حقيقت تائين پهچي وينداسين.