| ٽنڊي الهيار ۾ گهرو اڻبڻت تان مڙس پسٽل جا فائر ڪري زال ماري ڇڏي: جوابدار گرفتار |
ٽنڊوالهيار(رپورٽر) ٽنڊوالهيار ۾ مڙس هٿان زال قتل , پوليس پهچي لاش اسپتال منتقل ڪري ڇڏيو , ضروري ڪاروائي بعد لاش وارثن حوالي ,جوابدار گرفتار خبر موجب ٽنڊوالهيار جي اي سيڪشن ٿاڻي جي حد زرداري ڪالوني ۾ جوابدار غلام سرور سنڌي پٺاڻ گهرو اڻبڻت تان پنهنجي زال ٻن ٻارن جي ماء 30 سالا عاليه پٺاڻ کي پستول جا فائر ڪري گوليون هڻي قتل ڪري ڇڏيو, اطلاع تي اي سيڪشن پوليس واقعي واري هنڌ پهچي لاش کي تحويل ۾ وٺڻ بعد سول اسپتال ٽنڊوالهيار منتقل ڪري ڇڏيو جتان ضروري ڪاروائي بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو انهي موقعي تي جوابدار جي ڀاء سجاد پٺاڻ ٻڌايو ته اسان مزدوري تي نڪتل هئاسين اطلاع تي گهر پهتاسين ته خبر پئي ڀاء ڀاڄائي کي گوليون هڻي قتل ڪري فرار ٿي ويو آهي هن چيو ته ڀاء ڪافي وقت کان بيروزگار هو اڪثر ٻنهي زال مڙس وچ ۾ اڻبڻت ٿيندي رهيندي هئي اڄ به ڪم ڪار نه ڪرڻ تان ٻنهي وچ ۾ منهن ماري ٿي جنهن تان ڀاء ڀاڄائي کي گوليون هڻي قتل ڪري ڇڏيو ٻي پاسي پوليس جوابدار کي گرفتار ڪري اي سيڪشن ٿاڻي تي لاڪپ ڪري ڇڏيو آهي پوليس موجب واقعو گهرو اڻبڻت تان پيش آيو آهي وڌيڪ جانچ ڪري رهيا آهيون