| ٽنڊي باگي تعلقي ۾ 30 سالن کان کاٽي نه ٿي، سم نالو گندگاهه سان لٽجي ويو |
ٽنڊوباگو (ن پ ا) تعلقي ٽنڊي باگي جي لنڪ سم نالي 16 اي ايل جي گذريل 30 سالن کان کاٽي نه ٿيڻ سبب لنڪ سم نالو مڪمل سلٽجي ويو آھي ۽ لنڪ سم نالي 16 اي ايل ۾ گند گاھ پڻ ٿي ويو آھي. جنھن سبب سم نالو گذريل ڪيترن ئي سالن کان تعلقو ٽنڊو باگو جي ديهن بخشو ڪلوئي، ديهھ پير مصري، ديهھ دز، ديهھ ماچانڊي سميت 20 ديھن جي آبادگارن ۽ ڳوٺاڻن کي ھر سال مون سون جي برساتن ۾ پلٽجي نقصان ڏيندو رھي ٿو. ان سلسلي ۾ متاثر آبادگارن ۽ ڳوٺاڻن نصرالله جروار، محمد سومار لنڊ، سڪندر علي لنڊ، نياز محمد لنڊ، نويد منگواڻو، يوسف منگواڻو ۽ ٻين ٻڌايو ته گذريل 30 سالن کان ھن لنڪ سم نالي 16 اي ايل جي کاٽي نه ٿيڻ سبب ھر سال مون سون جي مند ۾ پوندڙ برساتن ۾ اسان آبادگارن ۽ ڳوٺاڻن کي ھي سم نالو شديد نقصان ڏئي رھيو آھي. جنھن ۾ اسان جي ڳوٺن ۾ سم نالي جي پلٽجڻ سبب ٻوڏ واري صورتحال پيدا ٿئي ٿي، اسان جي ڳوٺن کي شديد نقصان پھچائي ٿو ۽ اسان جي فصلن کي ٻوڙي تباھ ڪري ٿو. جنھن ڪري اسان آبادگارن کي ھر سال شديد معاشي نقصان ٿي رھيو آھي. ھنن ٻڌايو ته ٽنڊوباگو شھر جي گندي پاڻي جو نيڪال پڻ ھن لنڪ سم نالي ۾ آھي. ھنن تڪ جي ايم پي اي ارباب امير امان الله اين اين اي مير غلام علي ٽالپر ۽ ڊرينج ڊويزن بدين، ڊي سي بدين سميت ٻين وس وارن کان مطالبو ڪيو آھي ته تعلقي ٽنڊي باگي جي لنڪ سم نالي 16 اي ايل جي ھنگامي بنيادن تي ھن سال برساتن جي مند کان اڳ ۾ کاٽي ڪرائي وڃي.