ٽنڊي باگي جو شاگرد شاهد زنئور هٿ نه آيو: مائٽن پاران وڊيو بيان رد

مَي 21, 2023

ٽنڊوباگو(ن پ ا) ٽنڊي باگي ۾ ستين ڪلاس جي شاگرد جي دوستن سان گڏ گهمڻ لاءِ وڃڻ واري وڊيو بيان کي مائٽن رد ڪري ڇڏيو

نئون آباد وارڊ جو رھواسي 13 ورهين جو شاھد پٽ خالق زئور جي ڀاءُ ڀاء شاھ جھان جو چوڻ آهي ته  منھنجي ڀاء کي علي رضا چانڊيو ۽ حاڪم ملاح  اغوا ڪيو آهي ۽ هن کي بليڪ ميل ڪري ڪراچي گهمڻ لاءِ گڏهلڻ جو وڊيو بيان ڏياريو آهي

شاهه جهان چيو ته شاهد جي اغوا جي اين سي به داخل ڪرايل آهي پر پوليس سهڪار نه پئي ڪري، ڀاءُ کي بازياب ڪرايو وڃي

رابطو ڪرڻ تي ٽنڊوباگو پوليس ٻڌايو ته ڇوڪرو پنھنجي دوستن سان گڏجي ڪراچي گھمڻ ويو آھي جنهن جي وڊيو پڻ سوشل ميڊيا تي  هلي رهي آهي

Leave A Comment