| ٽنڊي باگي لڳ ڳوٺ ۾ ارڙي وبا، هڪ گهر جا 2 ٻار فوت |
ٽنڊوباگو(ن پ ا) ٽنڊوباگو لڳ ڳوٺ مڇائو ۾ ارڙي جي بيماري وبائي شڪل اختيار ڪري وئي، هڪ ئي گهر جا ٻه معصوم ٻارڙا ارڙي وگهي فوت ٿي ويا. فوتين ۾ پنجن سالن جو لڇمڻ ۽ ٽي سالن جي نياڻي روشنا ريٻاري شامل آهن. ساڳي ڳوٺ جا ڏھ کان وڌيڪ ٻارڙا ارڙي جي مرض ۾ مبتلا آهن. ٻن ٻارن جي فوت ٿيڻ ۽ ڳوٺ ۾ ڪيترائي ٻار ارڙي جي مرض ۾ مبتلا هجڻ جي باوجود صحت کاتو اگهور ننڊ ۾ ستل آهي، ڳوٺاڻن مطالبو ڪيو آهي ته هنگامي بنيادن تي ڊاڪٽرن جون ٽيمون موڪلي ارڙي جي بيماري ۾ مبتلا ٻارن جون زندگيون بچايو وڃن