ٽنڊي باگي ۾ نوجوان جي قتل تي ڪٺ، مظاهرو، سڀاڻي هڙتال سڏ

ٽنڊي باگي ۾ نوجوان جي قتل تي ڪٺ، مظاهرو، سڀاڻي هڙتال سڏ

ٽنڊوباگو (ن پ ا) ٽنڊو باگو جي نوجوان ارشاد علي ميمڻ جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ سياسي، سماجي ڌرين ۽ شهرين جو ڪٺ بعد احتجاجي مظاهرو، سومر 19 جنوري تي ٽنڊوباگو ۾ شٽربند هڙتال ۽ وڏي ڌرڻي جو اعلان. خبر موجب ڏيڍ مهينو اڳ اغوا بعد مبينا قتل ڪري لاش ٿرپارڪر جي تعلقي ڏيپلو جي ڳوٺ هيلاريو ڀرسان ھٿ آيل ٽنڊوباگو واسي نوجوان ارشاد علي ميمڻ جي ڪيس جي جاچ ڪري قاتلن جي گرفتاري لاءِ ٽنڊوباگو شھر جي سياسي، سماجي، تنظيمن ۽ شهرين جي وڏي تعداد سيد خدا ڏنو شاه، امين سنڌي، قمبر علي شاھ، سچل ھاليپوٽو، قتل ٿيل نوجوان ارشاد علي ميمڻ جي والد گلزار علي ميمڻ والد ڀاء حبدار علي ميمڻ، فيصل چيما، ڊاڪٽر مراد بلوچ، گل حسن چانڊيو  ۽ ٻين جي اڳواڻي ٽنڊوباگو جي پبلڪ لائبريري ۾ ڪٺ منقعد ڪيو ويو. ڪٺ ۾ شامل سياسي، سماجي اڳواڻن، شهرين پاران ڏنل تجويزن تي بحث ڪرڻ بعد فيصلو ڪيو ويو ته سومر  جنوري تي ٽنڊوباگو شھر ۾ وڏو ڌرڻو هنيو ويندو.