| ٽنڊي باگي ۾ ڀائرن ۾ جهيڙو، هڪ ڄڻي گولي هڻي پاڻ ماري ڇڏيو |
ٽنڊوباگو (ن پ ا) ٽنڊوباگو جي وارڊ 8 جي رھواسي 45 سالن جي رحيم بخش عرف ڪراڙو ميراڻي ٽنڊوباگو شھر ۾ پنگريو روڊ تي ريتي جي دڪان تي ڀاء سان ڏيتي ليتي تان ناراض ٿي پسٽل سان پاڻ تي مبينا طور تي فائر ڪندي سيني ۾ گولي لڳڻ ڪري فوت ٿي ويو، سندس ڀاءَ شير دل ملاح به گولي لڳڻ ڪري زخمي ٿي پيو. لاش کي تعلقي اسپتال ٽنڊوباگو پھچايو ويو، جتان وارث سندس لاش بغير پوسٽ مارٽم ڪرائڻ جي گهر کڻائي ويا. فوتي جي زخمي ڀاء شير دل ملاح ميڊيا کي ٻڌايو ته منهنجي ڀاء پاڻ کي گولي ھنئي آهي، گولي ھڻڻ دوران مون پسٽل ڦرڻ جي ڪوشش ڪئي ته گولي مون کي به ٻانهن ۾ لڳي آهي. پوليس جو چوڻ هو ته وارثن موجب فوتي پنهنجو پاڻ کي گولي هڻي ماريو آهي، وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي.