| ٽنڊي جان محمد جي اغوا ڄاڻايل نينگري جي مذهب مٽائي شادي |
ٽنڊوجان محمد (ن پ ا) ٽنڊوجان محمد مان چار ڏينھن اڳ مبينا طور اغوا ڄاڻايل ناري پريمي ڀيل مسلمان ٿي وئي آهي ۽ پنھنجي ڄمار 19 سال ڄاڻائي آھي، سندس اسلامي نالو ڪلثوم شيخ رکيو ويو آهي، ڪلثوم شيخ مسلمان ٿيڻ کان پوءِ شھباز پٽ وريام عرف پوڙھو مھر سان نڪاح ڪري ڇڏيو، ڪلثوم شيخ پاران اھڙو بيان سوشل ميڊيا تي جاري ڪيو ويو آهي. ٻئي طرف ناري پريمي ڀيل جي والدين جو چوڻ آهي ته نادرا طرفان ٽي سال اڳ جاري ڪيل سرٽيفڪيٽ موجب ناري جي ڄمار 15 سال آھي ۽ سندن ناري نابالغ آھي ۽ والدين حوالي ڪرائي وڃي.