ٽنڊي جان محمد ويجھو 4 ٻارن کي ڪتي ڏاڙهي وڌو

ٽنڊي جان محمد ويجھو 4 ٻارن کي ڪتي ڏاڙهي وڌو

حسين بخش مري (ن پ ا) ٽنڊي جان محمد ويجھو 4 ٻارن کي ڪتي ڏاڙهي وڌو. ان ڏس ۾ ٽنڊوجان محمد لڳ ڳوٺ مير علي محمد ٽالپر ۾ ڇتي ڪتي 04 معصوم ٻارن کي ڏاڙهي مرڻينگ ڪري ڇڏيو جن مان ٻن معصوم ٻارن راڻي ڪولھي ۽ وينا ميگهواڙ کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ سول اسپتال ميرپورخاص آندو ويو. جتي معصوم ٻارن کي ڇتي ڪتي جي ڏاڙهڻ بعد لڳندڙ اينٽي ريبيز انجيڪشن لڳائي وڌيڪ علاج لاءِ سول اسپتال ۾ داخل ڪيو ويو آهي.