ٽنڊي جان محمد ۾ ڪتي ڏاڙهيل نينگري دم ڏئي ڇڏيو

ٽنڊي جان محمد ۾ ڪتي ڏاڙهيل نينگري دم ڏئي ڇڏيو

ٽنڊو جان محمد(ن پ ا) ٽنڊو جان محمد ديهه 190 ۾ ڪري ڏاھڙيل معصوم ٻارڙي ڪراچي ۾ دم ڏئي ڇڏيو، گھر گھران برپا، خبر موجب ٽنڊوجان محمد يوسي مير خدابخش جي ڳوٺ ديهه 190 اڪبر آباد ۾ ڪجھه ڏينھن اڳ ۾ ڇتي ڪتي جي ڏاڙھڻ سبب 6 ساله معصوم نينگري تانيه ڌي شھباز سولنگي جي حالت خراب ٿي وئي ھئي، جيڪا  ڪراچي جي اسپتال ۾ داخل ھئي جتي ھو اڄ فوت ٿي وئي آھي. معصوم ٻارڙي جي موت جي خبر تي گھر ۾ ڪهرام مچي ويو، فوتي ٻارڙي جي وارثن اعليٰ حڪام فوري نوٽيس وٺڻ جو مطالبو ڪيو آهي، ان کان علاوه گذريل ڏينھن ٽنڊوجان محمد ۾ اسٽيشن ڪالوني ۾ ٻن معصوم ٻارن کي ڪتو گھر ۾ داخل ٿي ڏاڙھي ويو ھو، رورل هيلٿ سينٽر ۾ وئڪسين نه ھجڻ ڪري ٻارن کي حيدرآباد ريفر ڪيو ويو. متاثره ٻارڙن جي وارثن اعليٰ اختيارين کان فوري نوٽيس وٺي ڪارروائي جو مطالبو ڪيو آهي.