ٽنڊي غلام حيدر ويجهو ڇتي ڪتي جي ڏاڙهيل نينگري دم ڏئي ڇڏيو

ٽنڊي غلام حيدر ويجهو ڇتي ڪتي جي ڏاڙهيل نينگري دم ڏئي ڇڏيو

ٽنڊوغلام حيدر (ن پ ا) 2 مهينا اڳ  ٽنڊي غلام حيدر ويجهو ڳوٺ  سائينداد  لاشاري  ۾  رولو ڪتي  پاران   ڏاڙهي زخمي  ڪيل 5 ورهين  جي  مسڪان  ڌي  حاجي  لاشاري  فوت  ٿي  وئي  وارثن  موجب  نينگري  کي  تعلقه اسپتال ٽنڊوغلام حيدر  مان  وئڪسين  به  ڪرائي  پر  سندس  طبعيت   ۾سڌارو نه آيو  3 ڏينهن  اڳ کيس سول اسپتال حيدرآباد  کڻي ويا سين جتي  ڊاڪٽرن  ٻڌايو ته  ڪتي  جي چڪ  کان بچاء واري وئڪسين   نه  ڏيڻ  سبب  نينگري  جي  حالت  خراب  ٿي اهي کيس ڪراچي  کڻي  وڃو   ڪراچي وياسين  جناح  اسپتال  انهن  جواب ڏئي  چيو  انڊس  اسپتال  وڃو  جتي  وياسين  انهن  ٻڌايو ته  ابتدائي  طور  صحيح  نموني  علاج  نه  ٿيڻ  سبب  نينگري   جي حالت  ڳڻتي جوڳي  آهي  هن  جو علاج  موجود  ناهي واپس گھر  کڻي  وڃو  گھر پهتاسين  ته  نياڻي  فوت ٿي  وئي