ٽنڊي غلام حيدر ويجھو جوابدار جو زال تي وحشياڻو تشدد

ٽنڊي غلام حيدر ويجھو جوابدار جو زال تي وحشياڻو تشدد

 ٽنڊوغلام حيدر (ن پ ا) ٽنڊي غلام حيدر ويجھو جوابدار پنهنجي زال تي وحشياڻو تشدد ڪيو.  ٽنڊي غلام حيدر ويجهو ڳوٺ  منڱيو سيٺو  م مڙس گل محمد  سيٺو  گهر م  ڪمري م بند ڪري سندس  ھٿ  پير ٻڌي  مٿس لٺين ڏنڊن جا وار ڪري زال  حاڪم زادي کي  سخت زخمي ڪري ڇڏيو جنهن کي  نازڪ حالت  ۾  تعلقي اسپتال ٽنڊوغلام حيدر آندو ويو جتي  کيس طبي امداد ڏني پئي وڃي    ان سلسلي م  عورت جي پي  صابو سيٺو  چيو ته  منهنجي  ڌي  مٿان بي رحماڻون  تشدد ڪيو ويو آهي  انصاف فراهم ڪيو وڃي