ٽنڊي غلام حيدر ۽ ڀرپاسي 8 مهينن کان پاڻي جي اڻاٺ، فصل سُڪي تباهه، آبادگارن جو مظاهرو

ٽنڊي غلام حيدر ۽ ڀرپاسي 8 مهينن کان پاڻي جي اڻاٺ، فصل سُڪي تباهه، آبادگارن جو مظاهرو

ٽنڊو غلام حيدر (رپورٽ: نثار لاشاري) ٽنڊو غلام حيدر ڦليلي ڪئنال مان نڪرندڙ جمشير واھ ۾ گذريل 8 مهينن کان زرعي پاڻي نه هئڻ ڪري پڇڙيءَ جي آبادگارن ۽ هارين ايريگشن عملي خلاف احتجاجي مظاهرو ڪري سخت نعريبازي ڪئي، آبادگارن اڪبر خاصخيلي، گل محمد چانڊيو، پپو لغاري،  شبير خاصخيلي،  دودو خاصخيلي، عنايت چانڊيو ۽ ٻين چيو ته جمشير واهه تي مقرر داروغي جي نااهلي سبب پڇڙ ۾ زرعي پاڻي جي شديد کوٽ آهي اسان جا  فصل سڪي تباھ ٿي ويا آهن،  چوپايو مال توڙي پکين لاء پاڻي اڻلڀ بڻيل آهي. هنن وڌيڪ چيو ته  جمشير واھ ۾ مُنڍ کان ڪيترائي غيرقانوني واٽر ڪورس آهن، بااثر زميندار جمشيرواھ جي مُنڍ کان هٿرادو پاڻي بند ڪري پوڇڙ جي  آبادگارن کي هٿ ٺوڪيو تباھ ڪيو ويو آهي جنهن سبب ايريگيشن عملي کي ڪيترائي ڀيرا شڪايتون ڪيون آهن ڪير ٻڌڻ تيار ناهي اسان مطالبو ٿا ڪريون ته ايريگيشن انجنئير حيدر آباد ڊارئيڪٽر ۽ اعلي اختيارين کان فوري طور جمشيرواھ جي پوڇڙ ۾ پاڻي فراهم ڪيو وڃي ٻئي صورت ۾ حيدر آباد بدين روڊ تي ڌرڻو هڻي روڊ بلاڪ ڪنداسين.