ٽنڊي غلام حيدر ۾ ارڙي تباهي آڻي ڇڏي، هڪ ئي ڏينهن ۾ 2 ٻارڙا فوت، ڪيترائي مرض ۾ مبتلا
اپريل 28, 2025
ٽنڊو غلام حيدر(ن پ ا) ٽنڊي غلام حيدر ۾ ارڙيءَ سبب ٻه ٻارڙا فوت ٿي ويا آهن جڏهن ته ڪيترائي ٻارڙا موذي مرض ۾ مبتلا ٿي ويا آهن. ان ڏس ۾ ٽنڊي غلام حيدر جي ڳوٺ نظر علي کوسو ۾ ارڙي وگهي ڇهن ورهين جو عامر لاشاري ۽ پنج ورهين جو منور ولد زاهد لاشاري فوت ٿي ويا. فوتي ٻارڙن جي مامي اسماعيل لاشاري جو چوڻ آهي ٻارڙا ڪافي ڏينهن کان ارڙي ۾ ورتل هئا اطلاع ڏيڻ بعد ڪوبه ويڪسين ٽيم يا ڊاڪٽر نه پهتو صحت کاتي ڪوبه نوٽيس نه ورتو هنن ٽنڊو محمد خان جي صحت کاتي کان گھر ڪئي ڳوٺ اندر ڪافي ٻار ارڙي ۾ مبتلا آهن انهن جي ويڪسين ڪري زندگي بچائي وڃي