ٽنڊو غلام حيدر( ن پ ا) ٽنڊي غلام حيدر ويجهو گهرو پريشانين کان تنگ ٿي آپگهات ڪري ڇڏيو
ڳوٺ علي مراد لاشاري ۾ 5 ٻارڙن جي ماءُ 32 ورهين جي ماروي زال ڍولو ڪولهي گهريلو پريشانين کان تنگ ٿي زندگي جو انت آڻي ڇڏيو
اطلاع تي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي لاش پوسٽ مارٽم لاءِ اسپتال منتقل ڪري ڇڏيو
پوليس جو چوڻ آهي ته عورت جي مائٽن ٻڌايو آهي ته ماروي گهريلو پريشانين سبب آپگهات ڪيو آهي، وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي