ٽنڊي غلام علي ويجهو مينهن کي بچائيندي ڪوچ ڪلٽي، ڪلينر سميت 3 مسافر فوت، 45 زخمي

ٽنڊي غلام علي ويجهو مينهن کي بچائيندي ڪوچ ڪلٽي، ڪلينر سميت 3 مسافر فوت، 45 زخمي

ٽنڊوغلام علي(ن پ ا) ٽنڊوغلام علي ماتلي مين روڊ ڏھون واٽر اسٽاپ لڳ حيدرآباد کان ايندڙ تيز رفتار مسافر ڪوچ مينهن کي بچائيندي ڪلٽي ٿي پئي جنهن جي نتيجي ۾ جهڏي جو رھواسي صاحب ڏنو عرف ابو انڙ, سلام ڪوٽ جو رھواسي اعظم ناريجو ۽ ڊگهڙي جو رھواسي محمد يوسف مڱڻهار فوت ٿيا، طور وارثن پهچي فوتين جي سڄاڻپ ڪئي، ڪوچ ۾ سوار عورتن ۽ ٻارن ۾ مسمات حاجره, فقيرو, شهناز, سڪندر, خالد خاصخيلي, نينگري مونيڪا, شريمتي جمنا, شرجيل, ارجڻ, حسن, امين ٽالپر ۽ ڪوچ ڊرائيور غلام حسين سنڌي پٺاڻ سميت ڪوچ ۾ سوار 45 کان مٿي مسافر سخت زخمي ٿي پيا زخمي ۽ فوتين جا لاش کڻائي سرڪاري اسپتال پهچايا جن مان 20 ڄڻن جي حالت نازڪ ھئڻ ڪري حيدرآباد منتقل ڪيو ٻي طرف ڪوچ ۾ سوار زخمي ماوجي ڪولهي ٻڌايو ته اسان مزدوري ڪري واپس نئون ڪوٽ وڃي رھيا ھئاسين ته رستي ۾ اوچتو حادثو پيش آيو۔