| ٽنڊي محمد خان جي تاريخ ۾ ڌاڙيل عورتن جو ڌاڙو، ٻن گهرن مان لکين رپيا ڦر، 4 پڪڙجي پيون |
ٽنڊو محمد خان (رپورٽر) ٽنڊو محمد خان جي انور ڪالوني جي علائقي مان گهرن اندران 6 عورتن جي انوکي واردات، لکين روپين جي ماليت جا سونا زيور ، نقد رقم ڦر ڪرڻ ۾ ناڪام ، 2 عورتون فرار ، 4 عورتن کي ڪالوني جي رهواسين پوليس حوالي ڪري ڇڏيو ، ٽنڊو محمد خان شهر جي انور ڪالوني ۾ چادري پهريل نقاب پوش 6 عورتن ڦر جي ارادي سان محمد عارف راجپوت ۽ محمد سعيد راجپوت جي گهرن اندر داخل ٿي لکين روپين جي ماليت جا سونا زيور ۽ نقد رقم ڦر ڪري آساني سان فرار ٿيڻ جي ڪوشش دوران ڪالوني جي رهواسين عورتن جي ڪيل رڙين کانپوءِ کين سوگهو ڪري پوليس حوالي ڪري ڇڏيو جنهن ۾ 2 عورتون فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويون ، گهڻي رش ٿيڻ کانپوءِ ليڊيز پوليس 4 عورتن کي حراست ۾ وٺي وومين ٿاڻي تي لاڪپ ڪري ڇڏيو آهي، وومين ٿاڻي جي انچارج ميڊم نوشابا ڄاڻايو آهي ته انور ڪالوني جي رهواسين جي اطلاع تي پوليس ڪاروائي ڪري 4 ڦورو عورتن کي گرفتار ڪري ورتو آهي، عورتن جي انوکي ڦر واري ارادي ۾ ناڪامي کانپوءِ شهرين ۾ سخت ڳڻتي ڇانيل آهي .