ٽنڊي محمد خان ويجهو ڳورهاري ٻن ٻارن سميت ڦليلي ۾ ٽپو ڏئي آپگهات ڪري ڇڏيو

ٽنڊي محمد خان ويجهو ڳورهاري ٻن ٻارن سميت ڦليلي ۾ ٽپو ڏئي آپگهات ڪري ڇڏيو

ٽنڊو محمد خان(رپورٽ: قاضي شمس ٻانڀڻ) ٽنڊو محمد خان جي ويجهو يونين ڪائونسل لاکاٽ جي ڳوٺ ارباب حاجي محمد سمون جي رهواسي هاري خاندان سان تعلق رکندڙ 5 مهينن جي ڳوهاري عورت 30 سالن جي شريمتي رتنا ٻائي پنهنجي 8 سالن جي معصوم نينگر وشال ، 7 سالن جي نينگري آشا سميت ڦليلي ڪئنال جي مال پڙي واري پل تان ٽپو ڏئي پنهنجي ٻارن سميت آپگهات ڪري ڇڏيو ، راهگيرن جي اطلاع تي پوليس ريسڪيو ٽيم جي مدد سان ڦليلي ڪئنال مان آپگهات ڪندڙ عورت ۽ سندس ٻن معصوم ٻارن جي لاشن کي پاڻي مان ٻاهر ڪڍائي خانگي گاڏي سوزوڪي پڪ اپ ۽ چنگچي رڪشا ۾ عورت ۽ ٻار جي لاشن کي سرڪاري اسپتال پهچايو، لاکاٽ واسي ۽ ٽنڊوالهيار کان آيل فوتي عورت جي ماءُ  اچي لاشن جي سڃاڻپ ڪئي ، سرڪاري اسپتال مان ضروري ڪارروائي ۽ پوليس جي ورتل بيانن کانپوءِ بنا پوسٽ مارٽم جي وارث لاشن کي لاکاٽ کڻائي ويا.  ٽنڊو محمد خان ۾ عورت جي ٻارن سميت آپگهات واري واقعي علائقي ۾ سوڳ وارو ماحول ڇائنجي ويو
 

غربت مفلسي يا جهيڙو؟ عورت جي ماءَ ۽ مڙس جي بيانن ۾ تضاد

ٽنڊو محمد خان: آپگهات ڪندڙ عورت جي مڙس هريچند پوليس وٽ بيان ڏنو ته مون سان منهنجي زال جو ڪو به جهيڙو ڪو نه ٿيو هو ڳوٺ جي ٻارن جي معاملي تان ٻارن جي جهيڙي تان ناراض ٿي هن ٻارن سميت آپگهات ڪيو آهي ، جڏهن ته آپگهات ڪندڙ عورت شريمتي رتنا ٻائي جي پيرسن امڙ شريمتي ذوپي  پوليس وٽ بيان ڏنو ته اسان جي نياڻي سان مڙس جا اڪثر ڪري جهيڙا ٿيندا هئا ۽ غربت مفلسي جي لاچاري سبب نيٺ هن پاڻ کي آپگهات ۾ ٻارن سميت پاڻ کي ماري ڇڏيو
 

ناراضگي ۽ ڏک ڏوراپا: ڌريون راضپي سان لاش لاکاٽ کڻائي ويون
 

 ٽنڊو محمد خان:  بي سيڪشن ٿاڻي جي پوليس جو چوڻ آهي ته وارثن ڪو به تڪراري بيان ظاهر نه ڪيو آهي ، ناراضپا ڏک ڏوراپا ظاهر ڪري لاش ٻئي ڌريون راضپي سان لاکاٽ کڻائي ويون آهن جتي سندن آخري رسمون ادا ڪيون وينديون