| ٽنڊي محمد خان ۾کنڊ مهانگي: ڪلو 190 رپيا وڪرو |
ٽنڊو محمد خان (رپورٽر) ٽنڊَي محمد خان جي واپاري مرڪزن ۾ واپاري سرڪار جي کنڊ جي خريد و فروخت لاءِ مقرر ڪيل 140 روپيه في ڪلو ۽ 50 ڪلو جي ڪٽي تي 6850 روپيه اگھ مقرر ڪرڻ باوجود واپاري پنهنجي پسند ۽ من پسند سان کنڊ جا الڳ الڳ اگھ مقرر ڪري کنڊ وڪرو ڪري رهيا آهن جنهن جو مقامي انتظاميه ڪو به نوٽيس وٺي نه سگهي آهي علائقي جي اندر کنڊ جي وڪري بابت ڪو به قدم نه کنيو ويو آهي جنهن سلسلي ۾ شهري حلقن جو چوڻ آهي ته علائقي جي اندر 3 شوگر ملز ڪريشنگ ڪري رهيون آهن جنهن جي ڪري کنڊ جو اگھ في ڪلو 140 روپين بجاءِ سيزن دوران في ڪلو 100 روپيه مقرر ٿيڻ گهرجي پر ان جي ابتڙ واپاري پنهنجي هڪ هٺي قائم ڪري کنڊ جو 140 روپيه مقرر ڪيل اگھ بجاءِ 190 روپيه کان وڌيڪ اگھ تي کنڊ جو وڪرو ڪري رهيا آهن ، 50 ڪلو واري ڪٽي تي پڻ الڳ الڳ اگھ مقرر ٿيل آهن جڏهن ته واپارين جو چوڻ آهي ته اسان سرڪاري مقرر ڪيل اگھ تي کنڊ جو وڪرو ڪري رهيا آهيون . ياد رهي ته ٽنڊو محمد خان ۾ اٽي جي سرڪاري اگھ تي عمل نه ٿيڻ وارو ساڳيو طريقو مختلف کاڌ خوراڪ وارين شين ۽ کنڊ تي به واپاري هٿرادو مهانگائي پيدا ڪري رهيا آهن جنهن جو اعلى اختيارين کي نوٽيس وٺڻ گهرجي.