ٽنڊي محمد خان ۾ اي چالان واري ڪئميرائن کي باهه لڳي وئي

ٽنڊو محمد خان (رپورٽر) ٽنڊو محمد خان ۾ اي چالان واري ڪئمرائن کي باھ ـ ڪئمرائون متاثر ٿي ويون ـ ٽنڊو محمد خان جي مين حيدرآباد روڊ مير غلام علي گيٽ تي لڳل اي چالان واري ڪيمرا بوڪس کي اوچتو باھ لڳي وئي جنھن سبب ڪيمرائون متاثر ٿي ويون ـ  لڳل باهه کي روڊ تان گذرندڙ ماڻهو وڊيو ڀريندا رهيا ڪافي دير بعد پوليس انتظاميا باھ واري ھنڌ پھچي باھ تي قابو ڪيو ـ 
 

سرگوڌا ۾ حادثو، 7 ڄڻا فوت، ڪيترائي زخمي
 

سرگوڌا (م ڊ) سرگودها جي تعلقي ڪوٽ مومن جي علائقي گله پور بنگله جي ڀرسان ڪوهيڙي سبب حد نگاهه انتهائي گهٽ هجڻ سبب هڪ مني ٽرڪ خشڪ  واهه ۾ ڪري پئي. ريسڪيو اختيارين موجب شروعاتي طور تي  7 ڄڻا فوت ٿي ويا جڏهن ته ٻين زخمين کي فوري طور تي ويجهي اسپتال منتقل ڪيو ويو. ٽرڪ ۾ گڏيل طور تي 23 ڄڻا سوار هئا جيڪي اسلام آباد کان  فيصل آباد ڪنهن جنازي ۾  شرڪت جي لاءِ وڃي رهيا هئا. فوت ٿي ويلن ۾ مصري خان، حليمه بي بي، ياسين، سونيا بي بي، پٺاڻي بي بي، هانيه، ايمان فاطمه، راني بي بي، حارث، وسيم، حورين، آمنه، حرم فاطمه ۽ ثقلين شامل آهن. جڏهن ته حادثي ۾ حسنين، ثقلين، ظهير، ممتاز ڪاشف، نديم، شميم، ناديه ۽ پروين زخمي ٿي پيا.
 

انڊونيشيا ۾ ننڍو مسافر جهاز گم ٿي ويو، حادثي جو خطرو
 

جڪارتا (م ڊ) انڊونيشيا ۾ ڇنڇر ڏينهن هڪ ننڍو مسافر جهاز اوچتو ريڊار تان گم ٿي ويو. اختيارين موجب اڏام جي ڪجهه ئي وقت کانپوءِ جهاز جو رابطو ڪٽجي ويو، جنهن کانپوءِ فوري طور ڳولا ۽ ريسڪيو جون ڪارروائيون شروع ڪيون ويون. ميڊيا رپورٽن ۾ چيو ويو آهي ته اهو ٽربو پروپ جهاز يوگياڪارتا کان روانو ٿيو هو ۽ ان جو رُخ سولاويسي ٻيٽ جي شهر مڪاسر ڏانهن هو، جهاز ۾ ڪُل 11 ڄڻا سوار هئا، جنهن ۾ 3 مسافر ۽ 8 عملي جا ميمبر شامل آهن. جهاز جو ڪنٽرول ٽاور سان رابطو اوچتو ڪٽجي ويو.