ٽنڊي محمد خان ۾ مر ويسون پر سنڌ نه ڏيسون جا نعرا: مختلف تنظيمن،صحافين ۽ ڳوٺاڻن جا مظاهرا
مارچ 15, 2025
ٽنڊو محمد خان(رپورٽر) ٽنڊو محمد خان ۾ سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي، سنڌ ترقي پسند پارٽي، پاڪستان فيڊرل يونين آف جرنلسٽ حيدرآباد، ڳوٺ گهرام وساڻ جي سنڌ هاري ڪاميٽي، شيدي برادري جي طرفان ڌار ڌار مظاهرا ڪيا ويا. ان ڏس ۾ سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي طرفان مرڪزي اڳواڻ سيد بشير شاھه، ضلعي صدر عمران لغاري، امتياز نوناري، مختيار خاصخيلي ۽ ٻين جي اڳوڻي ۾ شهيد هوش محمد چوڪ کان احتجاجي جلوس ڪڍي پيادل مارچ ڪري پريس ڪلب جي ڦليلي روڊ تي احتجاجي ڌرڻو هنيو ويو. پاڪستان فيڊرل يونين آف جرنلسٽ حيدرآباد جي سڏ تي ٽنڊو محمد خان يونين آف جرنلسٽ (يونٽ ايچ يو جي) پريس ڪلب جي صدر رمضان شورو ، ٽنڊو محمد خان يونين آف جرنلسٽ جي صدر غلام نبي ڪيريو ، جنرل سيڪريٽري غلام قادر شورو ، سينيئر نائب صدر ذوالفقار چانڊيو ، عبدالڪريم نظاماڻي، قاضي شمس ٻانڀڻ، شعيب ڪيريو ، ساحل اياز ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب تائين احتجاجي جلوس ڪڍي مظاهرو ڪيو ويو . ڳوٺ گهرام وساڻ ۾ سنڌ هاري ڪاميٽي طرفان ضلعي اڳواڻ ڪامريڊ جبار باغي، ياسين سنڌي، رگومل، وشنو مل ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، سنڌ ترقي پسند پارٽي طرفان ضلعي صدر اقبال حاجاڻو، سارنگ شاھه، جمن ملاح، فريد خواجه ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ مهراڻ چوڪ کان احتجاجي جلوس ڪڍي پريس ڪلب آڏو مظاهرو ڪيو ويو. جڏهن ته شيدي برادري طرفان سنڌو تي 6 نوان ڪئنال اڏجڻ جي خلاف سنڌ تي سر ڪير نه ڏيندو، شهيد هوشو جا نعرا هڻي انوکو احتجاج ڪيو، ٽنڊو محمد خان ۾ شيدي برادري طرفان ٺاهيل شيدي ايڪٽو جماعت جي اڳواڻن شهيد هوش محمد شيدي جي نعري مرويسون مرويسون سنڌ نه ڏيسون، سنڌ تي سر ڪير نه ڏيندو، سهندو ڪير معيار او يار جا انوکا نعرا هڻي احتجاجي مظاهرو ڪيو ، اڳواڻن شھباز الھڏنو ، عبدالشڪور ، نعمان علي نانا بابا، نيڪ محمد ببلو ، زوحيب علي، وزير علي قمبراڻي، محمد رفيق، سلمان علي مٺو ، محسن علي ۽ ٻين خطاب ڪندي چيو ته درياءَ آهي ته اسين آهيون، اسان شهيد هوشو جي نقش قدم تي هلندي پنهنجي وطن جي انچ انچ جي حفاظت لاءِ جدوجهد ۾ اڳڀرا آهيون ڪنهن به صورت ۾ سنڌو درياءَ تي 6 نوان ڪئنال اڏجڻ قبول نه ڪنداسين.