| ٽنڊي محمد خان ۾ يوسي چيئرمين خلاف پنڌ مارچ، ڌرڻو |
ٽنڊو محمد خان (رپورٽر) ٽنڊو محمد خان جي يوسي نانگو شاھ ۾ سيري زئور جي ڳوٺ محمد علي زئور جي سوين ڳوٺاڻن يوسي چيئرمين مشتاق مگسي جي خلاف احتجاجي جلوس ڪڍي پيادل مارچ ڪري سيري زئور نانگو شاھ روڊ تي احتجاجي مظاهري کانپوءِ ڌرڻو هنيو ، احتجاج دوران ڳوٺاڻن جي ايڪشن ڪميٽي جي اڳواڻن محمد رفيق زئور ، محبوب زئور ، صدام حسين زئور ، ذوالفقار زئور ، زيد زئور ، محمد ايوب زئور ، عبدالغني زئور ۽ ٻين چيو ته يوسي چيئرمين مشتاق مگسي پنهنجي چيئرمين شپ جي عهدي وٺڻ کانپوءِ علائقي ۾ ڪو به ترقياتي ڪم نه ڪرايو آهي ايتري قدر جو ڳوٺ جي زبون رستن کي سي سي بلاڪ اسڪيم توڙي روڊ جي تعميرات لاءِ اسڪيمن ٺاهڻ باوجود ان تي ڪو به عمل نه ڪيو ويو آهي ، سيري زئور نانگو شاھ جا هزارين رهواسي پيئڻ جي صاف پاڻي کان محروم آهن ، علائقي جي اندر زميني پاڻي مڪمل ناڪارا بڻيل آهي ته وري صحت جي سهوليت لاءِ ڪو به مرڪز قائم نه ڪيو ويو آهي اسڪولن جي زبون حالت آهي،. سيري زئور ڳوٺ محمد علي زئور ۾ ٽن اسڪولن مان 2 اسڪول بند پيل آهن هڪ زبون اسڪول جي عمارت ۾ شاگرد ۽ شاگردياڻيون تعليم حاصل ڪري رهيا آهن جتي استاد اڪثر ڪري ڊيوٽي تان غائب رهي ٿو ، يا اچي ٿو ته صبح جي بجاءِ منجهند جو اچي هڪ ڪلاڪ اسڪول ۾ حاضري ڀري واپس وڃي ٿو ، جنهن سان اسڪول جو نظام تعليم کان وانجهيل آهي انصاف نه ڪيو ويو ته علائقي جا رهواسي ايڪشن ڪميٽي طرفان ٽنڊو محمد خان جي ڊپٽي ڪمشنر آفيس آڏو احتجاجي ڌرڻو هڻي حيدرآباد بدين روڊ تي احتجاج ڪندا .