ٽنڊي محمد خان ۾ ڀاءُ گرفتار ٿيڻ تي ڀيڻ پاران پاڻ ساڙڻ جي ڪوشش

ڊسمبر 10, 2024

ٽنڊو محمد خان (رپورٽر) ٽنڊو محمد خان ۾ ڀيڻ پنهنجي ڀاءُ جي گرفتاري تي پاڻ ساڙڻ جي ڪوشش ، راهگيرن کيس بچائي ورتو ، ٽنڊو محمد خان شهر جي ٽالپر ڪالوني سان تعلق رکندڙ نوجوان ناري نسيمه ملاح پنهنجي ڀاءُ جاويد ملاح جي پوليس اهلڪارن هٿان ڪيل گرفتاري تي پريس ڪلب آڏو پنهنجو پاڻ تي پيٽرول هاري باھه ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي جنهن کي روڊ تي بيٺل راهگيرن باھه ڏيڻ کان بچائي سندس حياتي ضايع ٿيڻ کان بچائي ورتي، جنهن کانپوءِ ناري نسيمه ملاح ٻڌايو ته منهنجي ڀاءُ جاويد ملاح کي پوليس بنا ڪنهن سبب اڳ به گرفتار ڪيو هو وري هاڻي کيس بنا ڪنهن ڏوھه جي پاڻ سان گڏ کڻي گم ڪري ڇڏيو آهي، پوليس اسٽيشنن تي وڃڻ باوجود سندس ڪو به ڏس پتو پئجي نه سگهيو آهي، منهنجي ڀاءُ کي پوليس کنڀي کڻي قتل ڪيو آهي يا قيد ڪيو آهي، اسان کي ڪجھه به ٻڌائڻ کان انڪار ڪري رهيا آهن ، منهنجي ڀاءُ جي حياتي کي خطرو آهي منهنجي ڀاءُ کي فوري طور آزاد نه ڪيو ويو ته وري به پنهنجي پاڻ کي باھه ڏيئي ساڙيندس .

Leave A Comment