ٽنڊي محمد خان ۾ ڊي ايس پي هائوس تي موجود سپاهي جو آپگهات؟

ٽنڊي محمد خان ۾ ڊي ايس پي هائوس تي موجود سپاهي جو آپگهات؟

ٽنڊو محمد خان(رپورٽر) ٽنڊو محمد خان جي ڊي ايس پي هائوس تي سپاهي آفتاب جهتيال مبينا طور رائيفل جي فائر سان پراسرار طور آپگهات ڪري ڇڏيو ، پوسٽ مارٽم کانپوءِ لاش وارثن حوالي ، خبر موجب ٽنڊو محمد خان جي ڊي ايس پي سٽي جي هائوس تي مبينا طور 27 سالا سپاهي آفتاب جهتيال رائفل جي فائر سان آپگهات ڪري ڇڏيو ، سندس آپگهات واري واقعي کانپوءِ اهلڪارن سپاهي جي لاش کي پوليس هيڊڪوارٽر جي موبائيل ذريعي کڻائي سرڪاري اسپتال پهچايو ، اسپتال پهچڻ کان اڳ ئي سپاهي فوت ٿي چڪو هو ، سندس ايس ايس پي ٽنڊو محمد خان حسيب جاويد سومار ميمڻ جي پي آر او ممتاز خاصخيلي پاڻ رابطي ڪرڻ تي تصديق ڪئي آهي ته سپاهي گهريلو تڪرار سبب آپگهات ڪيو آهي جنهن جي اسان وٽ سندس وارثن تصديق ڪري ڇڏي آهي.