ٽنڊي ڄام ويجهو ريلوي زمين تي قبضن خلاف ڪارروائي، گهر ۽ مسافرخانا پٽ، مظاهرو، باهيون، چڪريون

ٽنڊي ڄام ويجهو ريلوي زمين تي قبضن خلاف ڪارروائي، گهر ۽ مسافرخانا پٽ، مظاهرو، باهيون، چڪريون

ٽنڊوڄام(ن پ ا) ٽنڊوڄام ويجهو حيدرآباد ميرپورخاص وٽ چينل موري ويجهو سولنگي برادري جي مبينا طور ريلوي جي زمين تي قبضي خلاف ريلوي انتظاميا ڪارروائي  ڪندي ريلوي جي زمينن ۽ مسافر خانن تي قبضو هٽائي ڇڏيو، جڏهن ته حددخلين خلاف آپريشن ڪندي ڪيترن کي گهرن کي ڊاهي ڇڏيو،  ان دوران رهواسين ۽ انتظاميا وچ ۾ چڪريون به ٿيون، علائقي واسين ڳوٺاڻن پاران انتظاميا خلاف حيدرآباد -ميرپورخاص روڊ تي چينل موري وٽ ٽائرن کي باهيون ڏئي روڊ جي ٻنهي پاسن کان ڌرڻو هنيو ويو،  احتجاج ڪندڙن معشوق سولنگي، احسان سولنگي، مختيار سولنگي سميت عورتن پاران انتظاميا خلاف سخت نعريبازي به ڪئي وئي، ميڊيا سان ڳالهائيندي هنن چيو ته اسان سالن کان هتي رهائش ڪري رهيا آهيون، اسان کي تنگ ڪري اٿاريو پيو وڃي، احتجاج ڪندڙن الزام هنيو آهي ته ريلوي انتظاميا اسان جا لکين رپين جا گهر ۽ ٻيو سامان توڙي ڇڏيو آهي، ڌرڻي بعد انتظاميا عارضي آپريشن کي ختم ڪري ڇڏيو، پوليس پهچي احتجاج ڪندڙن سان ڳالهيون ڪري روڊ کولرايو