ٽنڊي ڄام ويجهو 4 ڦورو مارڻ جي دعويٰ، اهلڪارن کي رهنڊ نه آئي، مقابلي سوال اٿاري ڇڏيا

ٽنڊي ڄام ويجهو 4 ڦورو مارڻ جي دعويٰ، اهلڪارن کي رهنڊ نه آئي، مقابلي سوال اٿاري ڇڏيا

ٽنڊوڄام(رپورٽ: اظهر لوچي) ٽنڊوڄام ۽ راهوڪي پوليس پاران مبينا پوليس مقابلو ٿي پيو، مقابلي جي نتيجي ۾ چار ڦورو مارجي ويا، مقابلي ۾ هڪ به پوليس اهڪار به  زخمي نه ٿيو، پوليس جي مبينا مقابلي ڪيترائي سوال اٿاري ڇڏيا، مارجي ويل ڦورن جي سڃاڻپ عبدالقدوس لاشاري، اسد بوزدار، عبدالجبار سبزوئي ۽ عرفان بليدي طور ڪئي وئي، ڦورن جا لاش سول اسپتال حيدرآباد منتقل ڪيا ويا، سندن قبضي مان 4 پسٽل ھٿ ڪرڻ جي دعوي ڪئي وئي. ، پوليس موجب اونداھي جو فائدو وٺي 3 ڦورو موٽرسائيڪل تي فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب تي ويا،  ٽنڊوقيصر لنڪ روڊ تي ڦورن جي موجودگي جي ڳجھي اطلاع تي ڦورن جو گھيرو ڪيو ته مقابلو ٿيو، پوليس اها دعوي ڪئي آهي ته مارجي ويل چارئي ڦورو ڪجهھ ڏينھن اڳ اسلام ڪوٽ کان حيدرآباد ويندڙ ڪوچ مان مسافرن کان ڦر ۾ ملوث ھئا،
 

عبدالجبار پورهيت هو: وارثن جو ڪنڌڪوٽ ۾ ڌرڻو

ڪنڌڪوٽ (رپورٽر) ڪنڌڪوٽ ۾ پورهيت عبدالجبار سبزوئي کي مقابلو ڄاڻائي مارڻ خلاف ڌرڻو هنيو ويو، وارثن ۽ سياسي سماجي تنظيمن پاران انڊس هاءِ وي تي ڌرڻو هنيو جنهن سبب ٽريفڪ مڪمل طور معطل ٿي وئي. مقتول جي ڀاءُ عبدالرزاق سبزوئي، اڪرم باجڪاڻي، دلمراد ڏاهاڻي ۽ ٻين چيو ته پورهيت کي هوٽل تان کنڀي ٽنڊو ڄام ۾ جڙتو مقابلي ۾ قتل ڪيو ويو. عدالت کان مٿانهون قتل قبول نه ڪنداسين. مطالبو ڪيو ويو ته ايس ايچ او ٽنڊو ڄام ۽ ايس ايس پي حيدرآباد خلاف فوري ڪيس داخل ڪيو وڃي.
 

مارجي ويل ڦورن جو جيڪب آباد، شڪارپور ۽ رتيديري سان تعلق
 

ٽنڊو ڄام: پوليس موجب مارجي ويل ڦورو  مختلف شھرن ۾ ڦر سميت ٻين سنگين ڏوھن ۾ گھربل آھن، جڏهن ته مارجي ويل ڦورن مان ٻن جو تعلق جيڪب آباد ضلعي، ھڪ شڪارپور ۽ ھڪ رتوديرو جو سان آھي،
 

ڪراچي سميت مختلف شهرن ۾ مارجي ويل ڏوهارين مٿان 22 ڪيس، ڪرمنل رڪارڊ پڌرو
 

ٽنڊوڄام: حيدرآباد پوليس ٽنڊي ڄام ڀرسان ٽنڊي قيصر لنڪ روڊ تي مبينا مقابلي ۾ مارجي ويل چئني ڏوهارين جو ڪرمنل رڪارڊ پڌرو ڪيو ويو، پوليس مطابق مارجي ويل ڏوهاري عبدالقدوس لاشاري 12 ڪيسن ۾ گهربل هو، سندس خلاف راڻيپور, ٻٻرلوء, اي سيڪشن سکر, لوڻي ڪوٽ, ڪڪڙ دادو ۽ بي سيڪشن ميهڙ تي مختلف نوعيت جا ڪيس داخل ٿيل هئا، جڏهن ته اسد ولد رجب بوزدار خلاف محمود آباد ڪراچي, ملير سٽي ۽ ٽيپو سلطان ٿاڻي ڪراچي تي 3 ڪيس داخل ٿيل آهن، پوليس پاران پڌري ڪيل رڪارڊ موجب عبدالجبار ولد بهادر سبزوئي مٿان لوڌرا شڪارپور, سائيٽ سپرهاء وي ۽ اسٽيل ٽائون ڪراچي ۾ 4 ڪيس داخل ٿيل آهن، اهڙي ريت مارجي ويل ڏوهاري عرفان ولد عبدالڪريم بليدي ڪراچي جي سکن ملير ٿاڻي جي 3 ڪيسن ۾ گهربل هو.
 

ايس ايس پي وڏي ڪاميابي قرار ڏني، مقابلي ۾ شامل اهلڪارن کي شاباسي
 

ٽنڊو ڄام: ايس ايس پي حيدرآباد شاھزيب چاچڙ پاران 4 ڦورن جي مارجڻ واري واقعي کي پوليس جي وڏي ڪاميابي قرار ڏني وئي،  مقابلي ۾ شامل اھلڪارن کي شاباسي ڏني، جڏهن ته پوليس مقابلي ۾ ايس ايچ او راھوڪي نور شھباز رند ۽ ايس ايچ او ٽنڊويوسف انور خانزادو به حصو ورتو