ٽنڊي ڄام ۾ ثقافتي ريلي ڪڍڻ ڏوهه: زرعي ورسٽيءَ جي شاگردن سميت 294 ڄڻن تي ڪيس

ٽنڊي ڄام ۾ ثقافتي ريلي ڪڍڻ ڏوهه: زرعي ورسٽيءَ جي شاگردن سميت 294 ڄڻن تي ڪيس

ٽنڊوڄام(رپورٽ: اظهر لوچي) ثقافتي ريلي ڪڍڻ ڏوهه بڻجي ويو، سرڪار زرعي يونيورسٽي جي 150 شاگردن مٿان ڪيس داخل ڪيو ويوآهي.ان ڏس ۾ سنڌ زرعي يونيورسٽي شاگردن پاران 4 ڊسمبر تي گڏيل تنظيمن پاران زرعي يونيورسٽي جي هاسٽل گرائونڊ کان سي پي ڊي فيڪلٽي تائين ريلي ڪڍي هئي، جنهن بعد ڪلهه ٽنڊوڄام ٿاڻي تي زرعي يونيورسٽي سڪيورٽي تي موجود ڊيوٽي آفيسر اي ايس آءِ جان محمد ساند جي فرياد تي 160 ڄاتل ۽ 134 نامعلوم شاگردن مٿان رياست خلاف نعريبازي،  بغاوت سميت ٻيا قلم لڳائي ڪيس داخل ڪيو ويو آهي، ڪيس ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته 4 ڊسمبر زرعي يونيورسٽي جي هاسٽل گرائونڊ کان سي پي ڊي فيڪلٽي تائين ريلي ڪڍي هئي، ريلي ۾ شاگردن پاران هٿن ۾ مختلف قسمن پلي ڪارڊ کڻي، جيئي سنڌ جا نعرا هنيا ويا، جڏهن ته رياست خلاف به نعريبازي ڪئي، ايف آئي آر متن ۾ وڌيڪ ڄاڻايو ويو آهي ته شاگردن رياست مخالف نعريبازي ڪئي، ايف آئي آر ۾ آڪاش ڪلھوڙو، برڪت تنيو، عثمان ميمڻ، غلام رضا بنگلاڻي، اجمل لاشاري، عرفان راجپوت، رضوان شر سميت 16 شاگردن جا نالا شامل ڪيا ويا آهين، جڏهن ته ايف آئي آر داخل 134 نامعلوم جوابدارن کي شامل ڪيو ويو آهي، جڏهن ته پوليس موجب ڪيس داخل ٿيڻ بعد پوليس پاران ملوث جوابدارن خلاف ڇاپا هنيا پيا وڃن، آخري اطلاعن تائين ڪا به گرفتاري عمل ۾ نه آئي، هوڏانهن سياسي سماجي اڳواڻن، وڪيلن پاران شاگردن مٿان ڪيس داخل جي مذمت پڻ ڪئي.