| ٽنڊي ڄام ۾ نينگر گٽر ۾ ڪري پيو، سخت زخمي |
ٽنڊوڄام (ن پ ا) ٽنڊوڄام جي يو سي 66 ۾ ڇهن سالن جو نينگر حسين علي گٽر ۾ ڪري زخمي ٿي پيو، خبر ٽائيم نيوز تي نشر ٿيڻ بعد ضلعي انتظاميا ايڪشن ۾ اچي وئي، فوري ڪارروائي جون هدايتون جاري ڪيون ويون. اسسٽنٽ ڪمشنر تعلقه حيدرآباد رورل گوهر ميمڻ، ٽائون ميونسپل ڪاميٽي ٽنڊوجام جي لاڳاپيل عملدارن ۽ مختلف يونين ڪائونسلن جي چيئرمينن سان گڏ ٽنڊوڄام شهر جي مختلف علائقن جو تفصيلي دورو ڪري کليل مين هولز، نيڪال جي ناقص نظام ۽ سيوريج جو معائنو ڪيو، دوري دوران اختيارين مير ڪالوني ۾ جاري ترقياتي ۽ مرمتي ڪم جو به جائزو ورتو، جتي خاص طور تي کليل مين هولز کي محفوظ بڻائڻ لاءِ ڍڪڻ جو ڪم تيزي سان جاري آهي،