ٽن سالن دوران ٽرمپ تي چونڊن وقت چوٿون حملو

ٽن سالن دوران ٽرمپ تي چونڊن وقت چوٿون حملو

واشنگٽن(م ڊ) گذريل ڪجهه سالن ۾ ٽرمپ کي ڪيترائي سيڪيورٽي واقعا پيش آيا آهن. جولاءِ 2024 ۾ هن کي پنسلوانيا جي بٽلر ۾ هڪ ريلي دوران ساڄي ڪن ۾ گولي لڳي هئي. پر جيئن ئي سيڪيورٽي گارڊن کيس اسٽيج تان هٽايو، هن نعرو هنيو ته وڙهو. وڙهو، وڙهو. سيپٽمبر 2024 ۾ هڪ شڪي بندوق بردار ويسٽ پام بيچ، فلوريڊا ۾ سندس گولف ڪلب ۾ ٻوٽن ۾ لڪيل ڏٺو ويو. فيبروري 2026 ۾ هڪ بندوق بردار صدر ٽرمپ جي فلوريڊا رهائشگاهه ۾ داخل ٿيڻ جي ڪوشش ڪندي مارجي ويو. صدر ان وقت واشنگٽن ڊي سي ۾ هو.