مونکي روزانو اخبار ڏيندڙ هاڪر جو نالو عدنان هو. آئون کيس پيار مان اڌ نان چوندو هوس. آڪٽوبر ۾ اخبار جو بل 1240 روپيا آيو. مون وٽ پئسا ڪو نه هئا، کيس 10 ڪلو ساريون ڏنم، جنهن جا بازار ۾ هنکي 600 روپيا مليا ۽ هن اخبار بند ڪري ڇڏي. صبح ساڻ اخبار پڙهڻ جو مونکي اهڙو نشو هو، جهڙو مٺو موالي صبح ساڻ چرس واري سُلفي ضرور پيئي، پوءِ چانهه ماني کائي. پوءِ مون ڪٻٽ مان سڀ پراڻيون اخبارون ڪڍي کٽ تي رکيون ۽ پٽ تي صندلي رکي انهي تي ويهي اخبارن جو مطالعو شروع ڪيم. هڪ پراڻي اخبار ۾ خبر هئي ته وفاقي حڪومت ايوارڊ ورهائڻ جي تقريب ڪئي، جنھن ۾ انهن پنھنجن پنھنجن ماڻهن کي ايوارڊ ڏنا. ايوارڊ هڪ ٻئي ۾ ائين پئي ورهايائون، جيئن وڏا چئي ويا آهن ته ناني رڌڻ واري ڏوهٽا کائڻ وارا. کين ملڪ جا عظيم شاعر، اديب ۽ صحافي وسري ويا. سماجي خدمت ڪندڙ ايڌي، ڇيپا، سيلاني ۽ عظيم ڊاڪٽر اديب رضوي وسري ويو. ڊار پئي تارڙ کي ايوارڊ ڏنا ۽ تارڙ پئي ڊار کي ايوارڊ ڏنا. وزيراعظم صاحب وري پنهنجي پياري کي ايوارڊ ڏنا ۽ پاڻ واري صدر صاحب وري پنهنجي پياري پٽ کي ڀاڪر ۽ چُمي ڏيئي عاليشان ايوارڊ ڏنو. اهو پڙهي منهنجي دل ۾ خيال آيو ته آئون به زبردست سياسي سرگرميون شروع ڪري، سنڌ جي سڀني پارٽين کي گڏ ڪري انهن جو صدر ٿي وڃان. اليڪشن کٽڻ کانپوءِ مسلم ليگ نون سان ڏي وٺ ڪري پاڪستان جو صدر ٿي وڃان ۽ سڀ کان پهرين پنهنجي پياري پٽ طوطن کي گھرائي کيس ڀاڪر پائي چُمي ڏيئي فرسٽ ڪلاس ايوارڊ ڏيان پر اها منهنجي حسرت پوري نه ٿي، انڪري جو آئون زرداري صاحب جهڙو ذهين ۽ اٽڪلي ڪونه هئس. وري هڪ پراڻي اخبار ۾ خبر پڙهي ته پنجاب جي ٻن ميمن، سنڌين خلاف وڏو گوڙ پئي ڪيو. هڪڙي ميم هئي مريم نوازـ جنهن نعرو هو ته ميرا پاني ميري مرضي. معنا سنڌ کي پاڻي کان جواب. انجو ساٿ وري ٻي ميم، مريم اورنگزيب اهڙو ڏنو، جهڙو تاس راند ۾ گولي جي مٿان راڻي ڪري هجي. رهيل ڪسر وري ٽين عين عظمي بخاري پوري ڪئي. اهي ٽيئي مايون سنڌ خلاف اهڙا پيون ٿرڊ ڪلاس بيان ڏين، جهڙو سنڌ پنجاب جي ڪالوني هجي. پر شابس هجي سنڌ جي ٽن شينن کي، تن کين اهڙا زبردست جواب ڏنا، جو انهن جي ٻولتي بند ٿي ويئي. هڪ شين هئي ادي شيري رحمان، ٻي شين هئي ادي شازيه مري، ٽين شين هئي …. خير، نالو وسري ويو اٿم. انکانپوءِ وڏا وچ ۾ اچي ڀيا ۽ اهو ڏي سوال، وٺ جواب وارو سلسلو ختم ٿي ويو. ٻيون اخبارون پڙهيم ته انهن ۾ دردناڪ خبرون هيون. چوريون، ڌاڙا، ڦرون، ڪارنهن الزام ۾ قتل، قبيلائي جهيڙا، معصوم ٻارن ۽ نياڻين سان ڏاڍائي ڪري انهن کي مارڻ. اهي خبرون پڙهي روئي روئي آئون چريو ٿي ويس. طوطن ۽ طوطن ماءُ سان هروڀرو پيو وڙهان. ڀتين کي پيو ڌڪ هڻان. اها رپورٽ طوطن ماءُ وڃي سوٽ صدوري کي ٻڌائي، سو مونکي گاڏي ۾ لوڊ ڪري حيدرآباد صدر ۾ هڪ دماغ جي سرجن ڊاڪٽر وٽ وٺي آيو. ٻه هزار روپيا في جمح ڪرائي نمبر اچڻ جو انتظار ڪيوسين. اتي به مون انڪوائري ڪلارڪ ۽ ٻين مريضن سان جهيڙا شروع ڪري ڏنا. پوءِ انهن نمبر اچڻ کان پهرين مونکي ڊاڪٽر صاحب ڏانهن موڪليو. مون ڊاڪٽر صاحب کي هٿ ٻڌي چيو ته سائين منهنجي دماغ ۾ اهڙي ڪا سئي هڻو، جو ڏک واريون خبرون پڙهي آئون نه روئان، نه ڇتو ٿيان. ڊاڪٽر صاحب چيو ته اهڙي ڪا سئي انگريزن ايجاد ڪانهي ڪئي. توهان ٽي وي جو خبرون ڏسڻ ۽ اخبارون پڙهڻ ڇڏي ڏيو، فقط مزاحيه ڪالم پڙهو! چيم: سائين مزاحيه ڪالم حليم بروهي، علي احمد بروهي ۽ ايم اي عالماڻي لکندا هئا، جيڪي مرحوم گذاري ويا آهن. باقي امتياز ابڙو ۽ حفيظ ڪنڀر مزاحيه ڪالم لکندا هئا، انهن کي به ڊي سي يا ايس ايس پي منع ڪئي، تن ڪالم لکڻ کان توبهه زاري ڪري ڇڏي. باقي پنهنجي اخبار ۾ ڪڏهن ڪڏهن عزيز سولنگي ڪالم لکندو آهي پر هر هفتي صرف ڊاڪٽر عزيز ٽالپر ڪالم لکندو آهي. آئون اهو پڙهندس. ڊاڪٽر صاحب چيو: ٺيڪ آهي مونسان هٿ ملائي موڪليائين. چيو مانس سائين توهان مونکي هڪ به گوري لکي ناهي ڏني، انڪري مون وارا ٻه هزار واپس ڪريو. چيائين: تو ڪلاڪ مون سان جيڪا بڪ بڪ ڪئي آهي ۽ جواب ۾ مون توسان جيڪا گپ ڪئي آهي، انهي ۾ تو وارا ٻه هزار کپي ويا. اهو ٻڌي مونکي ڏاڍو ڏک ٿيو. آئون سوٽ صوفن جي گاڏي ۾ چڙهي واپس ڳوٺ آيس.
ڳوٺ اچي ٽي وي ڏٺم ته ڊسمبر تي ايڪتا ڏهاڙي جي حوالي سان اسڪولن، ڪاليجن، ادبي ڪچهرين ۽ مچ ڪچهرين ۾ پروگرام شروع ٿي ويا ھئا پر افسوس انهي ڳالهه جو هو جو سنڌ جي سڀني ٽي وي چئنلن ۽ اخبارن جا ٽقافتي ڏهاڙي جا الڳ الڳ عنوان هئا. هڪڙي چئنل جو عنوان هو، ‘‘سنڌ ۾ ڌاريا نامنظور‘‘. ٻئي جو عنوان هو: تعليم پرايو، هنر سکو، نشو ڇڏيو، سنڌ سنواريو. ٿئين جو عنوان ھو: منشيات کان پاڪ سنڌ. چوٿين جو عنوان هو: عورت جي آزادي ـ سنڌ جي خوشحالي. هڪ ٽي وي کان هي قومي گيت پئي هليو: ڏسو ڏسو هي اجرڪ توپيون، آهن سنڌ جو شان، سنڌي سٺا انسان! چيم سنڌي سڀ سٺا انسان ڪونهن انهن ۾ پنج سيڪڙو خراب انسان به آهن. ڪچي جا ڌاڙيل، ڦورو، ٺڳ، ڪوڙن تعويذن وارا معصوم ٻارن ۽ بارڙين سان ڏاڍائي ڪري انهن کي مارڻ وارا به سنڌي آهن. مختلف کاتن ۾ راشي آفيسر به سنڌي آهن. پوءِ آئون پنهنجي ڇاپرائين اوطاق تي ويس ته فقير دنيو ڪنڀار وڏي لئي ڪري موٽر سائيڪل تي چڙهي اچي پهتو. کيس وڏو ڀاڪر پاٿي چيم: ادا تو واري عاليشان گڏهه ڪيڏانهن وئي؟ تون هن فٽفٽي تي ڪيئن آيو آهين؟ چيائين: منهنجي گڏهه کي دل جو دورو پيو, کيس دل جي اسپتال ۾ داخل ڪري آيو آهيان. چيومانس: تون ان سان گڏ هجين ها نه! ان جي گاهہ پاڻي ۽ دوائن جو انتطام ڪير ڪندو؟ چيائين: انجو کٽڪو نه ڪر, سندس جوان پٽ مسٽر کودو خان ساڻس گڏ آهي، جيڪو سڀ ذميواريون سنڀالي پيو. بهرحال فقير دينو ڪنڀار کان حال احوال ورتم. چيائين: آئون توهان وٽ ايڪتا ڏهاڙو ملهائڻ آيو آهيان. پر هتي هر چئنل جو الڳ نعرو آهي. پاڻ ڪهڙي نعري هيٺ ايڪتا ڏهاڙو ملهايون؟ چيومانس: اهو فيصلو ڪرڻ لاءِ پاڻ سنگت جي ميٽنگ گهرايون ٿا. مون ان اهم ميٽنگ لاءِ سڀني دوستن کي گھرايو. ان ۾ نورو، ميرو، شيرو، رمضان ٿورو، ڦلڪور مشڪارو، آهنم چٽي، آجا جان اَجا، فادر کنگهسي۽ ناس تغاري اچي پهتا.
مختلف دليلن کانپوءِ 8 ڪلاڪن جي مٽينگ کانپوءِ دوستن اجتماعي راءِ ۾ فيصلو ڪيو ته پاڻ واري صدر صاحب آصف زرداري جڏهن سنڌي ٽوپي پاتي ته ڪن سنڌي ثقافت جي دشمنن ان تي وڏي ٽوڪ ۽ مسخري ڪئي. ان وقت علي قاضي صاحب سنڌي ٽوپي ۽ اجرڪ جي شان ۾ ايڪتا ڏهاڙي جو اعلان ڪيو. ھن سال سندس اداري طرفان ايڪتا ڏهاڙي جو عنوان آهي: منشيات کان پاڪ سنڌ. اڄڪلهه سنڌ جي هر ڳوٺ، هر شهر جي پاڙي پاڙي ۽ گھٽي گھٽي ۾ منشيات عام پئي هلي. نوجوان نسل پيو تباه و برباد ٿئي. پوءِ اسان سڀني دوستن اهو فيصلو ڪيو ته ايڪتا ڏوهاڙو نشي کان پاڪ سنڌ جي عنوان سان ملهائينداسين. اسان پهريون جشن رئيس گلڻ خان گول باڊي جي اوطاق تي ڪيو، جنهن جي صدارت رئيس گلڻ خان گول باڊي ڪئي. صدارتي تقرير ۾ رئيس گلڻ خان گول باڊي جذباتي ٿي ڊائيس تي اهڙو زوردار ڌڪ هنيو، جو ڊائيس ٽٽي پئي ۽ پاڻ دل جي دوري سبب وڃي پٽ تي ڪريو. اسين کيس کڻائي دل جي اسپتال ۾ آياسين. سندس بيڊ فقير دينو ڪنڀار جي عاليشان گڏهه جي ڀرسان هو. ڊاڪٽرن سندس علاج شروع ڪيو. سوچڻ لڳس ته ھڪ طرف سنڌ جو درد رکندڙ محسن سنڌ کي نشي کان پاڪ ڪرڻ جون اپيلون ڪري ڏينھن ملھائي رھيا آھن ته ٻئي پاسي ليڊر تصور ٿيندڙ ڪي ماڻھو رؤنشو ڪري ان اھم پيغام جي ابتڙ عمل ڪرڻ ۾ رڌل آهن.